اسان جي منزل اڃا به اڳتي

رزاق عاصي

10 نومبر 2020ع جو اڀرندڙ سج مونکي تازي ڄاول ٻار کي ڏنل ماءُ جي پهرين چمي محسوس ٿيو آهي، ڇو جو مون  عملي زندگي جو پهريون قدم کڻن جو فيصلو ڪيو آهي، يقنن هي سفر اڙانگو آهي، وقت جي حاڪمن ڌرتيءَ ماءُ جو وجود سنگسار ڪرڻ لاءِ ڄڻ ته ميدان تي آڻي ڇڏيو آهي، هن سفر ۾ ڪمزور جسامت رکندڙ امڙ مختيار بيگم موجود آهي، جيڪا پنهنجي شهزادي پٽ عاقب چانڊيو جي جبري گمشدگيءَ  خلاف پنڌ تي سنڀري آهي، سنڌ جون ڪيتريون امڙيون، ڀينرون، ڌيئرون شامل آهن، هو گهران ڇو نڪتيون آهن، سبب بس هڪڙو ئي آهي ته ڌرتيءَ جا ٻچڙا کنڀيل آهن، اسان جي وسيلن جو وڪرو نيلاميءَ جي ڪپڙن جيان هوڪا ڏئي ڪيو پيو وڃي، موجوده سياسي ماٺار ڪنهن مجذوب ۽ گونگي عورت سان ٿيل لڄالٽ جهڙي محسوس ٿي رهي، ڇو جو ظلم ٿيڻ باوجود اسين خاموشي جي چادر اوڍي پنهنجي پنهنجي رڌڻي جي فڪر ڪرڻ ۾ پورا آهيون، کنڀي گم ڪيل ماڻهن جو مسئلو هاڻ صرف ۽ صرف ان ڪٽنب جو مسئلو سمجهيو وڃي ٿو جنهن ويڙهي مان ڪو پيارو کنڀيل آهي، ڏک اهو آهي ته قوم جو هر هڪ فرد لاتعلق آهي.

اهڙي ماحول ۾ سنڌ سڀا جي سرواڻ انعام عباسي جي اڳواڻي ۾ راولپنڊي ڏانهن نڪتل هي لانگ مارچ ڇو ۽ ڇا لاءِ ڪيو پيو وڃي، آئون هن لانگ مارچ ۾ پنهنجي ڌيءَ جنت سنڌ سان گڏ انڪري نڪتو آهيان ته جيئن سنڌ جي مسنگ پرسنز واري معاملي تي خاموشي ٽوڙڻ ۾ ڪاميابي ماڻي سگهون، جيڪڏهن لانگ مارچ ۾ موجود هر پانڌيئڙي جي هڪ دوست به هن عمل کي ساراهيو ۽ حمايت ڪئي ته لانگ مارچ جي عظيم مقصد کي وڏي پئماني تي غير مشروط محبتون ۽ حمايتون ملي سگهن ٿيون. اهڙو عمل قومي سياست جي بيٺل پاڻيءَ ۾ اڇلايل پٿر ثابت ٿي هلچل پيدا ڪري سگهن ٿيون.

هن ڀروسي سان ڪراچي پريس ڪلب کان لانگ جي پانڌيئڙن جا قدم کڄڻ شروع ٿيا آهن، 10 نومبر تي منجهند 1 وڳي لانگ مارچ نڪتو مون  پنهنجي صحافي ڪرت دوران اهڙا غير معمولي سرڪاري  انتظام نه ڏٺا هئا،

هن لانگ مارچ ڏانهن اماڻيل نياپن ۽ پيغامن جو سلسلو به اڻ کٽ هو، پر جنهن ماءُ کان پٽ جنهن ڀيڻ کان ڀاءُ، جنهن ونيءَ کان ور ۽ پيءُ کان ڳڀرو پٽ جبري جدا ڪيا ويا هجن انهن کي ڪير ٿو خاموش ڪرائي سگهي، 9 نومبر تي بابا جي دلبر عاقب چانڊيو جي ڀيڻ شازيه چانڊيو پنهنجي بيمار ماءُ، امڙ مختيار بيگم سان گڏ رات جو پهتل هئي، پريس ڪلب کان نڪتل مارچ ۽ ڪراچي جي ڀٽائي آباد مان کنڀيل بشير شر، غلام رسول شر جي امڙ جي والد عبدالرزاق شر، شهزاد منگلو جون ڀينرون سنبل منگلو، مهازيب منگلو، کنڀيل سهيل رضا ڀٽي جو ڀاءُ علي رضا ڀٽي، لاڙڪاڻي مان کنڀيل انصاف دايو جون ڀينرون اقصيٰ دايو، افسانا دايو، ڪراچي مان کنڀيل فيصل آرائين جي امڙ بشيران سندس والد محمد اسلام، گم ڪيل نسيم بلوچ جي مڱيندي حاني بلوچ ۽ کنڀيل سهيل ميراڻي، مهراڻ ميراڻي جون امڙيون شامل هيون.

لانگ مارچ پريس ڪلب کان گورنر هائوس کان ٿيندو شاهراهه فيصل تي ” اسين ڇا گهرون ٿا آزادي، پنهنجن جي گهرون ٿا آزادي“ جا نعرا هڻندو بلوچ پل پهچي ٿو، جتان ساهي پٽڻ بعد ڪارساز پهچڻ تي سج سمنڊ ۾ لهي وڃي ٿو، اسٽريٽ لائٽون اسان جي رستن جي نشاندهي ڪن ٿيون، شاهراهه فيصل تي هر ايندڙ ٿاڻي جي حد جون پوليس موبائلون قافلي جي نگراني ڪندي پنهنجي حد پار ڪرائي سيڪيورٽي ايندڙ ٿاڻي جي حد جي پوليس حوالي ڪري موٽينديون وڃن ٿيون.

ڊرگ اسٽيشن، ناٿا خان پل، ايئرپورٽ، ملير ڪورٽ، قائدآباد کان ٿيندي لانگ مارچ عمر ماروي ڳوٺ پهچي ٿو. جتان سائين سيد شاهجهان، امجد راڄپر، سرواڻ ڪورائي، حبيب رحمان ڇٽو، فياض ڀٽو گلن جي ورکا ڪندي قافلو ساڻ ڪري ماروي ڳوٺ جي چوراهي تي وٺي وڃن ٿا، نعرن جي گونجار ۾ پهرين ڏينهن جو پنڌ ڪو خاص ٿڪاوٽ جو احساس نٿو ڏياري، ماروي ڳوٺ جي هڪ چوڪ تي نوجوان آجيان ڪندي قافلي کي خطاب لاءِ مرحلي وار هر هڪ کي ڀٽائيءَ جي بيتن سان سڏائڻ شروع ڪن ٿا، پهريون مقرر اسان کي آجياڻو ڏيندڙ سيد شاهجهان چوي ٿو ته سنڌ جي وحدت تي وار هلي رهيا آهن، اسين خاموش آهيون، آواز اٿاريندڙ قومي ڪارڪن کنڀي گم ڪيا وڃن ٿا، پر اسين خاموش آهيون، اسان کي خاموشي ٽوڙڻي پوندي، کنڀيل انصاف دايو جي ڀيڻ اقصيٰ دايو پنهنجي درد جي دانهن ڏيندي چوي ٿي ته مسلسل ٽن ورهين کان اسين عذاب ڀوڳي رهيا آهيون، شازيه چانڊيو دردن جي داستان ٻڌائيندي چوي ٿي ته عاقب چانڊيو ٻيهر کنڀيو ويو آهي، هن جي شادي کي 8 مهينا مس ٿيا هئا، هو بيمار آهي، علاج سانگي ڪراچي آيل هو ته گهر تي ڇاپو هڻي ڀيڻ فضا ۽ ڀاڄائي فروا تي تشدد ڪري عاقب کي کنڀيو ويو. حاني بلوچ چوي ٿي ته سنڌ ۽ بلوچستان تي ظلم آهي، اسان کي ڇڇريل لاش ملن ٿا، اسان مجبور ٿي راولپنڊيءَ ڏانهن سفر شروع ڪيو آهي ته ملڪ ۾ آئين بحال آهي، جمهوريت برقرار آهي، عدالتون آزاد آهن ته پوءِ عدالتن کان مٿانهان فيصلا ٿيڻ نه گهرجن، قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ انساني حقن جي سنگين لتاڙ آهي، صدارتي خطاب لاءِ انعام عباسي کي سڏ ٿئي ٿو هو چوي ٿو ته پهرين جون کان اڪيلي سر مون احتجاج شروع ڪيو روز هڪ ڪلاڪ احتجاج کانپوءِ 83 ڏينهن لڳاتار ڌرڻي بعد هاڻ اسان ان طرف وڌڻ جو وچن ڪيو آهي جتي اسان جا ٻچا واڙيل آهن، ڇو عدالتون خاموش آهن، حڪومتون لاتعلق آهن، ان ڪري اسان جي ايڇ ڪيو آڏو احتجاجي ڌرڻو ڏيڻ لاءِ وڌي رهيا آهيون، کنڀيل آخري ماڻهو جي آزادي تائين اسان جو احتجاج جاري رهندو.

اسان جي ميزبانن پاران ماني لاءِ دسترخوان لڳايو وڃي ٿو، ماني کائڻ بعد ڪچهري هلي ٿي، ڪهڙي وقت اکين کي ننڊ پنهنجي آغوش ۾ وٺي ڇڏيو خبر ئي نه پئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.