ڌانڌلي ثابت ڪيو، گلگت جي اليڪشن ڪمشنر جو چئلينج

اسلام آباد (  م ڊ ) گلگت بلتستان جي چيف اليڪشن ڪمشنر راجا شهباز خان سياسي جماعتن طرفان چونڊن جي ڌانڌليءَ جي الزامن  کي رد ڪري ڇڏيو.گلگت بلتستان چونڊن تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر راجا شهباز خان چيو ته گلگت چونڊون تاريخ جون پرامن چونڊون هيون سياسي جماعتن جا ڌانڌلي الزام بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن.هن چيو ته سياسي جماعتن جي خدٺشن تي جسٽس علي بيگ جي سربراهي ۾ اليڪشن ٽربيونل جوڙي وئي آهي اليڪشن ٽربيونل جي  هٿ ۾ آهي ته ٻيهر اليڪشن ڪرائي يا ٽيون ڇوٿون ڀيرو. سياسي جماعتون  احتجاج جو رستو اختيار ڪري حالتون خراب ڪرڻ چاهين ٿيون، سڀئي جماعتون قانون جي دائري ۾ رهن.سندس چوڻ هو ته احسن اقبال کي چيلينج ڪريان ٿو ته ڌانڌلي ثابت ڪري، سڀني سياسي جماعتن جا شڪ ۽ شبها ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.راجا شهباز چيو ته اليڪشن ڪميشن کي في الحال ڪا به رزلٽ ناهي ملي گلگت ۾ هنگامن سبب پوسٽل بيلٽس جي ڳڻپ دير جو شڪار آهي.الڪيشن ڪمشنر جو چوڻ هو ته ڪوڙن تي خدا جي لعنت ! ڌانڌلي جا الزام لڳائيندڙ سياسي جماعتون احتجاج جو رستو اختياري ڪرڻ بدران ٽربيونل جي سامهون پيس ٿين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.