گلگت ۾ پي ٽي آءِ آزاد اميدوارن جي محتاج، پ پ ،ن ليگ نتيجا رد ڪري ڇڏيا

گلگت(م ڊ) گلگت بلتستان ۾ چونڊن جا نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هن وقت تائين وصول ٿيل 21 تڪن جا غير سرڪاري، غير حتمي نتيجن ۾ وفاق جي حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف (پي   ي آءِ) 9 سيٽن سان پهرين نمبر تي آهي جنهن کان پوءِ آزاد اميدوار 7 سيٽن سان ٻئين نمبر تي آهن.ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) 3 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري سگھي آهي جنهن کان پوءِ مسلم ليگ ن 2 سيٽون حاصل ڪيون آهن، ايم ڊبليو ايم کي هڪ سيٽ ملي آهي، واضح رهي ته گلگت بلتستان جي ٽين قانون ساز اسيمبلي جي 24 جنرل سيٽن لاءِ 4 عورتن سوڌو 330 اميدوارن چونڊن ۾ حصو ورتو، پر ووٽنگ 23 سيٽن تي ٿي ڇو جو پي ٽي آءِ گلگت بلتستان جي صدر جسٽس ر جعفر شاهه جي ڪورونا وائرس سبب وفات کان پوءِ جي بي ايل اي 3 ۾ چونڊون ملتوي ڪيون ويون هيون غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب جي بي اي 1 گلگت ون مان پيپلز جو اميدوار 10 هزار ووٽ کڻي پهرين نمبر تي رهيو جڏهن ته آزاد آزاد اميدوارن سلطان رئيس 7 هزار 482 ووٽ کڻي ٻين نمبر تي آهي.جي بي ايل اي 2 گلگت 2 ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اميدوار فتح الله 6 هزار 696 ووٽ حاصل ڪري رڳو 2 ووٽن جي سرسي سان ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي جميل احمد 6 هزار 694 ووٽ حاصل ڪيا،پ پ جي جميل احمد ٻن تڪن تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، جي بي ايل اي 4 نگر ون ۾ پيپلز پارٽي جو اميدوار امجد حسين اسلامي تحريڪ پاڪستان جي ايوب وزير کي شڪست ڏني.جي بي ايل اي 5 نگر ۾ آزاد اميدوار جاويد علي منوا ڪاميابي حاصل ڪئي.جي بي ايل اي 7 اسڪردو ون پي ٽي آ3 جي اميدوار راجا زڪريا خان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مهدي شاهه کي شڪست ڏئي ڪاميابي جو جشن ملهايو.جي بي ايل اي 8 اسڪردو 2 تي مجلس وحدت المسلمين (ايم ڊبليو ايم) جي محمد ڪاظم پيپلز پارٽي جي محمد علي شاهه کي سخت مقابلي بعد شڪست ڏني.جي اي اي 10اسڪردو 4 ۾ آزاد اميدوار ناصر علي خان ڪامياب ٿيو.جي بي ايل اي 11 خرمانگ مان پي ٽي آءِ اميدوار سيد امجد علي سيد محسن رضوي کي شڪست ڏني.اهڙيءَ طرح جي بي ايل اي 14 استور ٻه ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار شمس الحق لون 5 هزار 237 ووٽ کڻي اڳتي رهيو جڏهن ته پيپلز پارٽي جو اميدوار 3 هزار 620 ووٽ کڻي ٻين نمبر تي رهيو.جي بي ايل اي 15 ديامير ون ۾ آزاد اميدوار حاجي شاهه بيگ 2 هزار 685 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته آزاد اميدوار محمد دلپزير 2 هزار 517 ووٽ کڻي ٻين نمبر تي رهيو.جي بي ايل اي 16 ديامير 2 ۾ گڏيل 41 پولنگ اسٽيشنز جي نتيجن ۾ مسلم ليگ ن جو محمد انور 5 هزار 605 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته آزاد اميدوار عطاءُالله 5 هزار 170 ووٽ کڻي ٻين نمبر تي رهيو.جي بي ايل اي 22 گانڇي ون ۾ آزاد اميدوار مشتاق حسين ڪامياب ٿيو.جي بي ايل اي 23 گانڇي 2 ۾ آزاد اميدوار عبدالحميد 3 هزار 696 ووٽ حاصل ڪري پهرين نمبر تي رهيو جڏهن ته تحريڪ انصاف جي آمنه انصاري 3 هزار 180 ووٽ کڻي ٻين نمبر تي رهي.جي بي ايل 24 گانڇي 3 ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار محمد اسماعيل تحريڪ انصاف جي اميدوار سيد شمس الدين کي شڪست ڏني.

گلگت ( م ڊ ) پ پ چيئرمين  بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان ۾ ٿيل چونڊن جي غير سرڪاري نتيجن تي خدشن جو اظهار ڪندي  چيو آهي ته منهنجي اليڪشن چورائي وئي،گلگت بلتستان جي قانون ساز اسيمبلي جي 24 هنن مان 23 سيٽن تي ٿيل چونڊن جا نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هن  وقت تائين غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب 21 سيٽن مان 7 تي آزاد اميدوار جڏهن ته 8 تي پاڪستان تحريڪ انصاف جا اميدوار ڪامياب ٿيا، 3 سيٽون پيپلز پارٽي جڏهن ته ٻه مسلم ليگ نه ۽ هڪ ايم ڊبليو ايم جي حصن ۾ آيون آهن.احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اوهان جي مينڊيٽ چوري ڪيو ويو آهي، گلگت بلتستان جي ووٽ تي ڌاڙو هنيوويو آهي، پر هتان جو عوام اجازت نه ڏيندو ته هنن جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو وڃي.بلاول دعويٰ ڪئي ته 12 سيٽون کٽي رهيا هئاسين، سازش شروع ٿي ته اوهان جون سيٽون گھٽايون وڃن، سلام پيش ڪيان ٿو ڪنهن به پيپلز پارٽي جو ساٿ نه ڇڏيو، جاءِ جاءِ تي پيپلز پارٽي آهي ته پوءِ  ان ڪري هو گھٻرائڻ شروع ٿيا، هنن قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي، وزيراعظم ۽ وزير به پهچي ويا.هن چيو ته اليڪشن ڪميشنر جو ڪم ڌانڌلي کي روڪڻ هو، راتو رات پ پ اميدوار جميل کي هارائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ٻن ووٽ تان پي ٽي آءِ کي کٽرايو ويو، اهي ماڻهو بيلٽ پيپر چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، آئون اوهان جي حقن تي سوديبازي نٿو ڪري سگھان، آئون اوهان سان گڏ بيٺل آهيان، هن چيو ته اسان گلگت بلتستان کي ” ڪٺ پتلي ۽ سليڪٽڊ“ حوالي ٿيڻ نه ڏينداسين، کسيل سيٽون واپس وٺنداسين، جيڪڏهن نه وٺي سگهياسين ته اسلام آباد وينداسين، آزاد اميدوارن کي کٽرايو ويو، اليڪشن ڪميشن ڌانڌلي روڪڻ بدران حڪومت سان گڏ رهي ۽ اپوزيشن کي نشانو بڻايو، هوڏانهن گلگت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ رات ۾ کٽي رهي هئي، صبح جو هارائي وئي، ووٽ جي پائمالي برداشت نٿا ڪري سگهون، جي بي ايل 18 ۾ عورتن کي ووٽ کان روڪيو ويو، جي بي ايل 21 ۾ ٻيهر پولنگ ڪرائي وڃي، بيلٽ باڪس چوري ڪيا ويا، ڪيس داخل ڪرايو آهي، سمورا آپشنز استعمال ڪنداسين، گلگت ۾ چونڊ نتيجا تبديل ڪيا ويا، هن چيو ته جذباتي فيصلا ڪرڻ ۽ انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي، اسان جي فارم 45 مطابق جميل احمد کٽي چڪو هو، هن چيو ته اڄ پ پ ڌانڌلي خلاف احتجاج ڪندي، مان پاڻ به شرڪت ڪندس،هن چيو ته  جي بي 15 ۾ موسم جو بهانو بڻائي پولنگ نه ڪرائي وئي، اسان ثبوت گڏ ڪري عوام آڏو رکنداسين، ووٽ جي تحفظ تائين احتجاج جاري رهندو، هن چيو ته پ پ جو وزيراعظم نااهل ٿي سگهي ٿو ته پي ٽي آءِ جو وزيراعظم به نااهل ٿي سگهي ٿو، جي بي اي 2 جي سمورين پولنگ اسٽيشنن تي اليڪشن ئي نه ٿي، حفيظ الرحمان کان بيان ڏيارڻ جو مقصد پي ڊي ايم ۾ ڏار وجهڻ آهي، هوڏانهن پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 2018 جي تاريخ ورجائي وئي.جاري ڪيل بيان ۾ فضل الرحمان چيو ته گلگت جي چونڊن ۾ غير قانوني طريقي سان ونڊ ورڇ ڪئي وئي. فضل الرحمان چيو ته سليڪٽڊ ۽ نااهل حڪمرانن کي گلگت بلتستان جو رزلٽ هضم ٿيڻ نه ڏينداسين، پاڪستان کانپوءِ هاڻي گلگت بلتستان چونڊن جو ٻيڙو ٻوڙڻ نه ڏينداسين، ان حوالي سان پي ڊي ايم جي ايندڙ اجلاس ۾ حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي.ٻئي پاسي نون ليگ، گلگت بلتستان جي چونڊن کي تاريخ جي بدترين ڌانڌلي قرار ڏئي ڇڏيو، مريم نواز چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ پي ٽي آءِ جو وجود ئي ناهي، جيڪي کين سيٽون خيرات ۾ مليون، اُهي به ن ليگ کان ٽوڙيون ويون، سادي اڪثريت به حاصل نه ڪري سگهڻ شرمناڪ شڪست آهي. گلگت بلتستان جو عوام ڌانڌلي ذريعي ٿيل چونڊن مان همت نه هارائي، انشاءَ الله واريءَ جي ڀت جلد ڪرڻ واري آهي، هن چيو ته تحريڪ انصاف کي حاصل ٿيندڙ ڪجهه سيٽون داٻي، ڌانڌلي، ن ليگ مان ٽوڙيل اميدوارن ۽ سليڪٽرن جي مهرباني آهي، وفاق ۾ موجود حڪمران پارٽي کي پهريون ڀيرو هتي اهڙي شڪست ملي آهي، اها شڪست ايندڙ ڏينهن جي ڪهاڻي ٻڌائي رهي  آهي، هن چيو ته پوري رياستي طاقت، حڪومتي ادارن، سرڪاري مشينري جي زور زبردستي ۽ جبر جي هٿڪنڊن سان وفاداريون تبديل ڪرائڻ ۽ بدترين ڌانڌلي باوجود سادي اڪثريت به حاصل نه ڪرڻ پي ٽي آءِ جي شرمناڪ شڪست آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.