ملتان ۾ پي ڊي ايم جو هر صورت ۾ جلسو ٿيندو: گيلاني

ملتان ( م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ملتان ۾ اپوزيشن اتحاد  پي ڊي ايم جو جلسو هر صورت ۾ ٿيندو. ملتان ۾ پيپلزپارٽي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي يوسف رضا گيلاني چيو ته تنظيم سازي ۽ ورڪرز ڪنوينشن ڪوٺائڻ تي انتظاميه کي واڌايون پيش ڪيان ٿو، ڪارڪن مضبوط ٿيندا ته پارٽي ڪامياب ٿيندي،  ملتان ۾ 30 نومبر تي هر صورت ۾جلسو ڪنداسين. يوسف رضا گيلاني چيو ته پي ٽي آءِ ۾ اڌ وزير پ پ جا آهن، اهي ڪيئن يوم تاسيس کان انڪار ڪندا.

گلگت بلتستان ۾ ڪرپشن خلاف جنگ واري بياني جي ڪاميابي ٿي: حليم عادل

ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر حليم  عادل شيخ چيو آهي ته گلگت بلتستان جي عوام ادارن ۽ ملڪ مخالف بياني کي چونڊن ذريعي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪرپشن خلاف جنگ جي بياني جي ڪاميابي ٿي آهي، ڪرپشن مافيا خلاف ڪارروائيون وڌيڪ تيز ٿينديون، گلگت بلتستان جا نتيجا پي ڊي ايم جي بياني جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيون آهن. گلگت بلتستان جي عوام (ن) ليگ جي بياني جي جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.