عالمن تي حملن ۾ را ملوث هئڻ جو انڪشاف

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي پوليس مفتي عبدالله تي حملي ڪيس ۾ ملوث مک جوابدار کي ساٿي سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ   ڪندي چيو آهي ته جمشيد روڊ تي مفتي عبدالله تي حملي  جي مک جوابدار حارث کي ساٿي سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. ڊي آءِ جي  ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمنٽ ( سي ٽي ڊي) عمر شاهد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مذهبي عالمن تي حملن جو نيٽ ورڪ بي نقاب ٿي ويو آهي.ايس ايس پي سي ٽي ڊي عارف عزيز ۽ انچارج سي ٽي ڊي راجا عمر خطاب به موجود هئا، ڊي آءِ جي ٻڌايو ته جوابدارن جي هٽ لسٽ ۾ ٻيا ماڻهو به شامل هئا، مفتي عبدالله تي حملي ۾ ملوث نيٽ ورڪ دبئي مان هلايو پئي ويو. عمر شاهد ٻڌايو ته لياري گينگ وار جو جوابدار زاهد عرف شوٽر جيڪو هن وقت دبئي ۾ موجود آهي اهو ”را“ جي چوڻ تي نيٽ ورڪ هلائي رهيو آهي. جوابدارن کي مختلف ٽارگيٽ ڏنا ويا هئا، رقم حوالا هُنڊي ذريعي موڪلي وئي. حارث، فرحان لنگڙا ساٿي سفيان سميت گرفتار آهن،  مولانا عبدالله تي جمشيد روڊ روڊ تي قاتلاڻو حملو ٿيو ان جي جاچ ڪئي ته انڪشاف ٿيو ته ان ڪارروائي ۾ فرقيواريت نيٽ ورڪ ملوث نه هو، هن چيو ته  مولانا عادل تي حملي بعد اهو تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته صرف هڪ فرقي جا عالم ٽارگٽ تي آهن، مفتي عبدالله کي سيڪيورٽي نه هجڻ سبب ان تي حملي جو پلان تيار ڪري حملو ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.