ٻيٽ ڪنهن به صورت ۾ وفاق حوالي ٿيڻ نه ڏينداسين: قادر مگسي

ڄام نواز علي (ن ع آ) معصوم نياڻيءَ  عليشا واقعي جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آھي اھڙا واقعا ناڪام حڪومت جي پاليسين ڪري  پيش اچي رھيا آھن اھڙن عنصرن کي سخت سزا ڏني وڃي ، اھڙو اظھار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي  چيئر مين ڊاڪٽر قادر مگسي  ڄام نواز علي پھچي پ پ ايم پي اي ڄام مدد علي جي وفات تي سندس ڀاءُ ڄام شبير علي ۽ پٽ ڄام ظھير علي سان تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيوته  سنڌ جا ٻيٽ ۽ سامونڊي پٽي سنڌ جي ملڪيت آھن ڪنھن به صورت ۾ ھٿ ٺوڪي  آرڊيننس ذريعي ان کي وفاق  حوالي ٿيڻ نه ڏينداسين. گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ سڄي سنڌ احتجاج ذريعي پنهنجو فيصلو ڏيئي ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.