ميرپور ماٿيلو:پرائمري اسڪول ٻيرڙي جي چوڪيدار جو اڪائونٽس آفيس آڏو احتجاج

گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڳوٺ ٻيرڙي جي چوڪيدار امتياز علي دايو ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس آڏو احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته هن کي هڪ سال اڳ والد جي جاءِ تي چوڪيداري جو آرڊر مليو جنهن بعد سموري ڪاغذي ڪارروائي پوري ڪئي ۽ 4 مهينا اڳ اڪائونٽ آفيس جي سب اڪائونٽنٽ کي وياج تي قرض وٺي 12 هزار روپيا رشوت پڻ ڏني، ان جي باوجود هن وقت تائين سندس آئي ڊي ناهي کلي سگهي، هن ٻڌايو ته دوڪاندارن جو مٿس اڍائي لک قرض ٿي ويو آهي جيڪي روزانو کيس تنگ ڪن ٿا پگهارون نه ملڻ سبب  سندن ٻار بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، هن چيو ته فوري طور تي سندس مسئلو حل نه ڪيو ويو ته هو انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿيندو .

رپورٽ-نصرالله گڏاڻي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.