راڻا ثناءُالله، خواجه آصف، راڻا مشهود سوڌو 37 سياستدانن خلاف جاچ جي منظوري

لاهور  (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اينٽي ڪرپشن کاتي ن ليگي اڳواڻن راڻا ثناءُالله، خواجه آصف، راڻا مشهود ۽ راڻا مبشر سوڌو 37 سياستدانن جي خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

جن سياستدانن خلاف جاچ جي منظور ڏني وئي آهي انهن ۾ ڪيترائي موجوده قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر آهن.

ذريعن موجب جاچ جي منظوري ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) اينٽي ڪرپشن پنجاب گوهر نفيس جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڏني وئي.

جن سياستدانن جي خلاف جاچ جي منظور ڏني وئي آهي انهن ۾ شيخ روحيل اصغر، سهيل شوڪت بٽ، غزالي سليم بٽ، ملڪ محمد افضل هنجرا، ملڪ محمد اجمل هنجرا، ميان رياض، عبادالله خان، راڻا محمد عظيم، اشرف عباس ڊوگر، رياض گورائيه ۽ ميان زوالفقار سوڌو ٻيا شامل آهن.

ڊي جي اينٽي ڪرپشن موجب ڪجهه اسيمبلي ميمبرن تي سرڪاري زمينن تي قبضي ڪرائڻ ۽ ڪجهه تي مختلف منصوبن ۾ سرڪاري ناڻي کي نقصان رسائڻ جا الزام آهن، ثبوتن جي روشني ۾ڪيس داخل ڪري ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.