غوثپور: ڳوٺاڻن پاران ٽريڪٽر جي چوري ۽ پوليس جي روايتي سستي خلاف مظاهرو،ڌرڻو

غوثپور  ڀرسان جمال پوليس پڪٽ جي حد ڳوٺ عبدالرحيم ننداڻي ۾نامعلوم چورڳوٺاڻي جو ٽريڪٽر چوري ڪري فرار ٿي ويا، ڳوٺاڻن پاران حد جي پوليس کي بروقت اطلاع ڪيو ويو،  اطلاع باوجود پوليس 4 ڪلاڪ ديرسان پھتي. ڳوٺاڻن پاران ڳوٺ مير واحد بخش خان بجاراڻي وٽ انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويو ،  ان موقعي تي ڳوٺاڻن جان محمد، غلام حسين نندواڻي جي اڳواڻي ۾جمال پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي،  ڌرڻي  سبب سنڌ، پنجاب، بلوچستان سميت 3صوبن کان ايندڙ ويندڙ گاڏين جي اچ وڃ بند ٿي وئي، ايس ايڇ او غوثپور پھچي احتجاج ڪندڙن وٽ پهچي ٽريڪٽر واپس ڪرائي ڏيڻ جي خاطري ڪرائڻ کان پوءِ انڊس هاءِ وي کولرايو ويو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن توڙي علائقي واسين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ کان مطالبو ڪيو ته امن امان ڪرائي ۽ ايس ايڇ او کي بدلي ڪري ٽريڪٽر ۽مينھون جلد واپس  ڪرايون وڃن.

رپورٽ- عبدالغفار اوڳاهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.