مٺياڻي ۾ گهر تي فائرنگ، نوجوان قتل

مٺياڻي (ن ع آ)مٺياڻي ٿاڻي جي حد  ڳوٺ عمر انڙ ۾ ڳوٺاڻي عرفان علي انڙ جي گھر مٿان پنهنجي برادري جي پنج هٿياربندن حملو ڪري  ڏنو جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب ڳوٺاڻو عرفان انڙ سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي فوري طور ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوان جتوئي اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽر نه ھئڻ سبب کيس مورو اسپتال نيو ويو جتي زخمن جا سور نه سھڻ سبب دم ڏئي ڇڏيو . مقتول عرفان علي انڙ جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ قهرام مچي ويو ۽ وارثن کي بيهوشي جا دورا پئجي رھيا ھئا. جڏهن ته مٺياڻي ٿاڻي تي راهب علي انڙ جي فرياد تي ضامن علي انڙ،اسماعيل انڙ،نبي بخش انڙ عرف فياض،نظام الدين انڙ،علي نواز انڙ ۽ ٻه نامعلوم ماڻهن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ايس ايڇ او مٺياڻي محمد سليمان وڳڻ سان رابطو ڪيو ويو ته ان جو چوڻ آهي ته واقعو ذاتي دشمني تحط پيش آيو آهي ۽ جوابدان جي گرفتاري جي لاءِ اسان مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهيا آهيون انشاءِ الله 24 ڪلاڪن ۾ خون ۾ ملوث جوابدار هٿ ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.