ڏوڪري تعليمي ميلي جي پڄاڻي، شاندار محفل موسيقي جو پروگرام

ڏوڪري (رپورٽ: قاضي آفتاب)ڏوڪري تعليمي ميلي جي پڄاڻي ٿي گذري، تعليمي ماهرن تعليمي نظام کي ري اسٽرڪچر ڪرڻ تي زور ڀريو جڏهن ته  تعليمي ميلي ۾ شاندار محفل موسيقي جو به پروگرام ٿيو . ان ڏس ۾ ينگ ايجوڪيشنل سوسائٽي ڏوڪري ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي پبلڪ لائبريري پاران منعقد ڪيل ڏوڪري ايجوڪيشنل فيسٽيول جي سيشن ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس لاڙڪاڻي جي پرو وائيس چانسلر سيد اظھر علي شاھه چيو ته انفرا اسٽرڪچر ۽ نصاب سميت سموري تعليمي نظام کي ري اسٽرڪچر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ھي تعليمي ميلو پنهنجي جوهر ۾ نرالو ۽ اھم فيسٽيول آهي، اسان ھن قسم جا فيسٽيول يورپ ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ته ٻڌا آهن پر هتي ان معيار جو تعليمي ميلو منعقد ڪرڻ ساراهھ جوڳو عمل آهي. هن وڌيڪ چيو ته تعليم کاتي جو وزير، سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار پنهنجون ذميواريون نٿا نڀائن ته کين پنهنجن عھدن تان استعيفا ڏيڻ گهرجي. ليکڪ ۽ پروفيسر مختيار سمون چيو ته هن جهالت واري دور ۾ تبديليءَ جي ضرورت آهي ۽ اھا تبديلي صرف تعليم وسيلي ئي اچي سگهي ٿي. هن قسم جا تعليمي ميلا تبديليءَ لاءِ راھه ھموار ڪندا. ڊاڪٽر شاھه مراد چانڊيي چيو ته اسان جي نوجوانن کي رڳو سنڌ ۽ پاڪستان نه پر پوري دنيا جي تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪرڻ بابت سوچڻ گهرجي. ليکڪ اديب ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر زيد پيرزادي چيو ته دنيا ۾ تعليم جو شعبو ترقي ڪري رهيو آهي پر سنڌ ۾ تعليم جو نظام ڪنهن به حوالي سان بهتر نه آهي.  هن چيو ته ٻارن کي سندن صلاحيتن موجب تعليم ڏني وڃي ۽ سڄي سنڌ ۾ ھڪ جھڙو تعليمي نظام لاڳو ڪرڻ گهرجي. تعليم جي بهتريءَ سڀني کي اڳتي اچڻ گهرجي. ان موقعي تي تعليمدان لياقت ميراڻيءَ پڻ خطاب ڪيو. فيسٽيول جي آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ جي ميمبر محمد علي ميمڻ آيل مهمانن کي آجياڻو ڏنو. آخر ۾ فيسٽيول منعقد ڪندڙ ينگ ايجوڪيشنل سوسائٽي ڏوڪري ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي پبلڪ لائبريري جي ٽيم کي مڃتا سندون پڻ ڏنيون ويون. پروگرام جي سموري ڪارروائي آڪاش ڇلگري ۽ شازيا سولنگيءَ ھلائي. ان کان پوءِ ڏوڪريءَ ۾ تعليم جي شعبي ۾ پاڻ ملھائيندڙ شخصيتن ۽30 استادن کي مڃتا شيلڊون ڏنيون ويون. جنهن جا مھمان پروفيسر مختيار سمون، ڪامريڊ حيدر جويو، ڀائو در محمد ٻرڙو، محمد عثمان کوکر، عبدالوهاب مڱريو، نظير حسين سانگهرو، عبدالحميد جيسر، ، قاضي آفتاب احمد جوڻيجي، نديم ميمڻ، ڊاڪٽر اسحاق جويو، عيسيٰ ميمڻ ۽ علي بخش پٺاڻ ھئا. جڏھن ته گذريل رات محفلِ موسيقيءَ جي نشست پڻ ٿي، جنهن ۾ لطيف جي راڳي ٻارڙن راحت بڙدي ۽ انتخاب بڙدي، مظفر سمون، سچل منگيءَ ۽ ٻين سُر وکيريا. تعليمي ميلي ۾ ليکڪ اديب زرار پيرزادي، حفيظ چانڊيي، مصور حسين، صداقت جوڻيجو، آصف مڱريو، سليم چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.