ڀان سيد آباد ۾ ڪوڙي ڪيس خلاف پاڪ ڪتاب کڻي مظاهرو

ڀان سيدآباد ( ن ع آ ) ڀان سيدآباد ۾ رودناڻي برادري جي ماڻهن جو مبينا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف  پاڪ ڪتاب  کڻي احتجاجي مظاهرو، انصاف ڪرڻ جو مطالبو، تفصيل موجب ڀان سيدآباد ويجهو پيرشاخ وٽ رهندڙ رودناڻي برادري جي ماڻهن پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن وزير رودناڻي، قادربخش رودناڻي، بهاول رودناڻي ۽ ٻين چيو ته اسان جي مخالفن ڀان سيدآباد ٿاڻي تي نارين جي اغوا ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جا 2 ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن. ، جنهن بعد پوليس اسان جا 3 ماڻهو گلبهار، ذوالفقار ۽ ڪامل رودناڻي گرفتار ڪيا ويا آهن، هنن چيو ته ڇوڪرين جي اغوا سان اسان جو ڪوبه واسطو ناهي، بااثر گل محمد رودناڻي، مراد رودناڻي، منير رودناڻي، فدا حسين رودناڻي ۽ ٻين اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن، اسان کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي ڪوڙا ڪيس خارج ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.