نئين ديري جي امام بارگاهه ۾ جشن عيد ميلاد جي حوالي سان تقريب

نئون ديرو (ن ع آ) نئون ديرو شهر جي مرڪزي المصطفيٰ عيد گاهه ۾ ميلاد ڪاميٽيءَ پاران جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جوش، جذبي، عقيدت ۽  احترام سان ملهايو ويو. ميلاد جي محفل ۾ ناصرالدين شاهه راشدي، سيد ياسرالدين راشدي، حافظ نظر محمد، آصف علي خروس، نثار احمد ميراڻي، رفيق احمد شاهاڻي سميت عاشقان رسول وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جشن ميلاد تقريب ۾ مشهور نعت خوانن حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ نعت رسول مقبول پيش ڪيا ته ميلاد جي محفل مرحبا يا مصطفيٰ، آقا جي آمد مرحبا جي نعرن سان گونجي وئي. جڏهن ته جشن آمد رسول صلي الله عليه وسلم تقريب ۾ حضور اڪرم جو شان بيان ڪيو ويو.

ن ليگ جي سنڌ ۾ نئين سر جوڙجڪ، علي اصغر ملهڻ سکر ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو

گهوٽڪي(ڊ ر)پاڪستان مسلم ليگ نواز جي سنڌ جي اندر نئي سر تنظيم سازي شروع ٿي وئي آھي، گهوٽڪي جي سينيئر صحافي علي اصغر ملهڻ کي مسلم ليگ  نواز جو سکر ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آھي، لالا قيصر خان پٺاڻ کي گهوٽڪي ضلعي جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آھي، ان کان علاوه سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به نوان عهديدار مقرر ڪيا ويا آھن، علي اصغر ملهڻ جو چوڻ هو ته قائد ميان محمد نواز شريف، ميان شھبازشريف، مريم نواز، سنڌ جي صدر شاه محمد شاه، مفتاح اسماعيل، خالد شيخ ۽ ٻين جو ٿورائتو آھيان جن مون مٿان اعتماد ڪري مسلم ليگ نواز جو سکر ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو آھي. پارٽي طرفان ڏنل زميواري کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

هالاڻي ۾ ڊاڪٽر اڪبر اعواڻ جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني

ھالاڻي ( ن ع آ ) ھالاڻي جي ھڪ نه وسرندڙ شخصيت مرحوم ڊاڪٽر  محمد اڪبر اعواڻ جي ايصال ثواب لاء قرآن خواني ڪئي وئي ۽ فڪرآخرت جلسو ٿي گذريو جنهن  ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي جلسي کي مولانا پير ڊاڪٽر سيد نثار احمد شاھ ـ مفتي حماد الله شاھ ـ مولانا نصرالله قاصمي ـ حافظ عبدالشقور فاروقي ۽ ٻين خطاب ڪيو ۽ سنڌ جي مشهور نعت خواھ حاجي امداد الله فلپوٽو ۽ حاڪم علي ڀرٽ پنهنجي منفرد انداز ۾ نعتون پيش ڪري ماڻهن کي جھومائي ڇڏيو جڏهن ته قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد ابرار علي شاهه جلسي ۾ خصوصي شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.