دريا خان مري ڀرسان جهيڙو، نوجوان گولي لڳڻ سبب مرڻينگ

دريا خان مري (ن ع آ)دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ ڪھڪاٽ ۾ لاشاري برادري جي 2 ڌرين عزيز الله پٽ مھرو لاشاري ۽ ساجد پٽ صاحب لاشاري پاران فائرنگ ڪرڻ جي نتيجي  م پنھنجي ذاتي زمين تي ڪم ڪندڙ ڳوٺ ڪھڪاٽ جو نوجوان نعيم عرف طوطو پٽ خليل راجپوت ڪنڌ ۽ پٺن ۾ گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل نوجوان کي وارثن پاران فوري طور تي نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس علاج ھلندڙ آھي اسپتال جي ڊاڪٽرن موجب نواجوان جي حالت خطري کان ٻاھر آھي جڏھن ته فائرنگ جي اطلاع تي دريا خان مري پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڌرين پاران ھلندڙ فائرنگ بند ڪرائي ڇڏي.

فرانس خلاف ٺل ۾ احتجاجي مظاهرو

ٺل(رپورٽر) ٺل ۾ تحفظ طلباءَ اسلام طرفان ارباب علي سومرو، اويس قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گستاخ رسول فرانسي صدر خلاف هاءِ اسڪول کان احتجاجي مظاهرو ڪري  پريس ڪلب آڏو روڊ بلاڪ ڪري نعريبازي ڪئي احتجاج ڪندڙن چيو ته فرانسي صدر رسول جو گستاخ آهي پاڪستان کي گهرجي ته فرانس سان سفارتي تعلقات ختم ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.