وحشتن جي انتها کي ڇُهندڙ ڪشمور واقعو !

ايڊووڪيٽ عبدالله ڇڄڻ

اغوا، ڦر يا وري قتل، جهڙا واقعا ڄڻ ته سونهاري سنڌ جي عوام لاءِ مقدر بڻجي ويا آهن. اُتر سنڌ جي ضلعن توڙي لاڙ ۽ ٿر جي مجموعي صورتحال تي نظر ٿا ڦيرايون ته هر هنڌ اِهڙا ڏکوئيندڙ واقعا جيڪي ننڍين ننڍين ڳالهين تان جنم وٺن ٿا ۽ پوءِ وڏي رتوڇاڻ ۾تبديل ٿي وڃن ٿا، ساڳئي وقت جيڪڏهن پوري ملڪ جيان سنڌ ۾اُهي واقعا ٿين ٿا ته هر باضمير شخص جو ڪنڌ شرم سان جُهڪي ٿو وڃي. خاص ڪري ڪشمور توڙي شڪارپور ضلعن اندر عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيندڙن جي شرح ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، تازو ڪنڌڪوٽ شهر مان هڪ صحافي نذير اسد نوناري جي پٽ اُسامه نذير نوناري کي به اغوا ڪيو ويو آهي، جنهن بابت هڪ مهينو گذرڻ باوجود ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي! اغوا جي وارداتن ۾ملوث جوابدار شايد اهو ڪونه ٿا سمجهن ته هن جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾اوهان هيڏا وڏا سانحا ڪري ڪيئن ٿا قانون جي گرفت کان بچي سگهو؟ اڄڪلهه ڪو ماڻهو غلط نمبر ملائي ٿو ته اهو به پڪڙجڻ کان نٿو بچي سگهي.

آئون ڪشمور واقعي ۾ملوث وحشين لاءِ ڪريل لفظ لکڻ ۾به گهٽتائي ٿو سمجهان ته اهڙا درندا ماڻهو خبر ناهي ته ڇو غيرت جا سڀ ليڪا لتاڙي ايئن معصومن سان زيادتيون ٿا ڪن! جيئن تازو سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي بارڊر تي قائم ڪشمور جي علائقي ۾هڪ مسافر عورت ۽ چئن سالن جي معصوم نياڻي عليشا کي بدترين وحشيت جو نشانو بڻايو ويو، ان واقعي پوري سنڌ ڌرتي کي به ڌوڏي ڇڏيو آهي. آيل خبرن موجب ڪراچي واسڻ تبسم بي بي ان وقت انهن وحشين جي گهيري ۾اچي وئي، جڏهن هو ڪنهن اسپتال ٻاهران ويٺل هئي ته بدڪردار جوابدار ان عورت جو پاسو وٺي کيس نوڪري وٺي ڏيڻ جو ڏٽو ڏئي ڪراچي کان ڪشمور تائين وٺي ويا.

ڪراچي کان ڪشمور پُهتل عورت تبسم بي بي جيڪا مسلسل انهن بدڪردار بگهڙن جو شڪار ٿيندي رهي، بعد ۾ انهن وحشين زيادتي جو شڪار بڻايل عورت جي چئن سالن جي معصوم عليشا کي پنهنجي قيد ۾رکي مطالبو ڪيو ته هوءَ ٻي ڪنهن عورت جو بندوبست ڪري اچي، تيسين سندس ڌيءَ سندن قيد ۾رهندي، ماءُ ته ويچاري مجبور ٿي وحشين جي مطالبي تي هلي وئي پر ٽن ڏينهن تائين انهن بدمست جوابدارن چئن سالن جي عليشا کي به نه بخشيو! جڏهن هڪ ماءُ پنهنجن اکين سان اهڙو واقعو ٿيندي ڏٺو ته سندن قيد مان اهو بهانو ڪري نڪتي ته توهان لاءِ ٻي عورت به گهرايان ٿي، جوابدارن انهي لالچ ۾اچي تبسم بي بي کي ڇڏيو ۽ عورت سڌو ٿاڻي تي پُهتي، جتي اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو نه رڳو قانوني فرض شناسي جو مظاهرو ڪيو پر ساڳئي وقت ڪشمور ڄائي پنهنجي غيرتمندي جو مظاهرو ڏيکاريندي انهي عورت سان ساٿ نڀايو، ايتري ۾جو هُن غيرتمند پٽ اهڙو واقعو ٻڌي پنهنجن ٻچن ۽ ٻارن جي پرواهه نه ڪندي سڀ حربا استعمال ڪرڻ کانپوءِ جوابدارن کي پنهنجي گرفت ۾آندو ۽ مسلسل چئن ڏينهن تائين اُها معصوم عليشا جيڪا انهي قيد خاني گهر ۾هئي، ان کي ان جاءِ تان برآمد ڪيو ويو. فرض شناس ۽ ڪشمور ڄائي غيرتمند پٽ اي ايس آءِ واقعي کانپوءِ انهي دوکي ۾آيل عورت ۽ سندن معصوم عليشا کي ڳڻتي واري حالت ۾ڪشمور شهر ۾آندو، جتان ٻنهي ماءُ ۽ ڌيءَ کي لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي، جتي معصوم نياڻي جي حالت ڏسي ڊاڪٽر به پنهنجا ڳوڙها نه روڪي سگهيا. واقعي کانپوءِ جڏهن اها نياڻي پاڻ پنهنجي زبان سان ڳوڙها ڳاڙهي اهڙو داستان ٻڌائي رهي هئي ته ان وقت زمين ڌڏڻ سان گڏ آسمان ۽ الله پاڪ جو عرش عظيم به يقينن هِلي ويو هوندو.

ڪشمور کان ڪراچي وٺي وڃي نوڪري ڏيارڻ جو بهانو ڪري جيڪڏهن ڪا واردات پيش اچي ٿي ته اها ڳالهه ته سمجهه ۾اچڻ جهڙي آهي پر اها ڳالهه بلڪل سمجهه کان ٻاهر آهي ته هڪ شهري عورت جيڪا اسپتال تائين علاج خاطر پاڻ ٿي اچي ۽ اُها ئي عورت تبسم بي بي ڪراچي کان اسلام آباد يا ڪوئيٽا بدران ڪشمور اچي نوڪري خاطر منزل ٿي طئي ڪري، تبسم بي بي کي اها ڳالهه ته سوچڻ گهرجي ها ته هڪ ماڻهو جيڪو نوڪري ڏيارڻ بهاني ڪراچي کان ڪشمور وٺي اچڻ جو ڊرامو ڪري رهيو آهي ته ڇا ڪشمور ڪراچي يا ڪو ملڪ جو وڏو شهر آهي، جتي نوڪريون ملنديون آهن، ٿورو انسان کي پنهنجو عقل ۽ دماغ کان به ڪم وٺڻ گهرجي، ڪشمور ته اُهو شهر آهي جتان گذريل 26 سالن کان اڄ سوڌو ڪنهن چونڊيل نمائندي کي وزارت ئي ڪونه ٿي ڏني وڃي، اتي چاليهه يا پنجاهه هزار پگهار سان نوڪري ڪٿان ملندي!؟

بهرحال، هن سڄي واقعي کانپوءِ جيڪڏهن ڏسجي ته انهن وحشين ته پنهنجو منهن ڪارو ڪرڻ ۾ڪا ڪسر ڪونه ڇڏي ۽ آئون خراج تحسين پيش ٿو ڪريان انهي ڪشمور ٿاڻي جي اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙي کي جنهن به اهڙي غيرتمند عمل ڪرڻ ۾ڪا ڪسر نه ڇڏي. سچ ته جيڪڏهن پوري سنڌ پوليس محمد بخش ٻرڙو بڻجي وڃي ته هتي اهڙا ڏوهه ئي نه ٿين. ٻئي پاسي واقعي کانپوءِ سنڌ حڪومت به فرض شناس پوليس عملدار ۽ سندس نياڻي لاءِ انعام جو اعلان ڪيو آهي، جيڪا سٺو ۽ حوصلو وڌائڻ جي ڳالهه آهي. آئون سمجهان ٿو ته ڪشمور واقعي جھڙا واقعا معاشري ۾ملڪ جي ھر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ روز ٿيندا رھن ٿا پر افسوس ته ڪافي واقعا ٿيڻ باوجود ميڊيا تي رپورٽ نٿا ٿين ۽ اهي دٻجي ختم ٿي ويندا آهن، خاص ڪري جيڪي پنجاب ۾ واقعا ٿين ٿا ته ميڊيا انهن کي ئي ھاءِ لائيٽ ٿي ڪري، ڪجهه سال پھرين پنجاب جي شھر قصور ۾ننڍڙي زينب سان جنسي هوس جو واقعو پيش آيو ته ان واقعي کي ميڊيا تمام گهڻي تيزي سان ڏيکاريو ته ان جو قاتل سرعام ڦاهي چاڙهيو ويو، مطلب ته جنهن به واقعي کي سوشل ميڊيا اليڪٽرانڪ ميڊيا ھاءِ لائيٽ ڪري ٿي ان واقعي جي جوابدارن کي ضرور سزا ملي ٿي، جيڪڏهن انھي جھڙا ساڳيا واقعا سنڌ ۾ٿيندا آهن ته ميڊيا جي حمايت نه ھجڻ ڪري بس دٻجي ويندا آهن، انهن جا جوابدار قانون جي ڪٽھڙي کان آزاد ھوندا آهن، پنجاب ۾ اھڙو واقعو ظاهر ٿئي ٿو ته اعليٰ آفيسر ايڪشن کڻن ٿا پر سنڌ ۾ايئن ڇو نٿو ٿئي؟ ان تي سوچڻ گهرجي.

ايس ايس پي امجد شيخ توڙي فرض شناس پوليس عملدار محمد بخش ٻرڙو معصوم نينگري سان انصاف ڪري پيغام ڏنو آهي ته سنڌ امن جي ڌرتي آهي، اهڙن ڪيسن ۾سنڌ جو امن خراب ٿيڻ نه ڏينداسين، سنڌي ننگن تي سر ڏيڻ وارا نياڻين جي لوئي لڄ محفوظ رکڻ وارا غيرتمند آهن، اهڙي طرح هڪٻئي جوابدار خير الله بگٽي کي به اهڙي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن آئنده ڪو ٻيو اهڙو وحشي درندو ڪنهن معصوم نينگري يا ڪنهن عورت ڏي ميري اک کڻي ڏسڻ جي جرئت نه ڪري سگهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.