بئريسٽر صلاح الدين سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جو صدر چونڊجي ويو

ڪراچي ( رپورٽر  ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سالياني اليڪشن، بئريسٽر صلاح الدين صدر چونڊجي ويو، عمر سومرو جنرل سيڪريٽري  مقرر، گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئشن جي سالياني اليڪشن جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا  جنهن ۾ بئريسٽر صلاح الدين احمد 16 سئو 5 ووٽ حاصل ڪري هڪ سال لاءِ صدر چونڊجي ويو، ان جي مقابلي ۾ احمد علي شاهه 5 سئو 16 ووٽ حاصل ڪري سگهيو، جنرل سيڪريٽري لاءِ سينيئر قانوندان عمر سومرو وڏي اڪثريت سان مخالف اميدوار کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي، اهڙي ريت نائب صدر جي سيٽ لاءِ ارشد وارثي 9 سئو 94 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي. ذاڪر حسين ٻگهيو خزانچي جڏهن ته محمد عارف شيخ جوائنٽ سيڪريٽري چونڊجي ويو، سنڌ بار جي الڪيشن لاءِ 3 هزار 4 سئو 60 وڪيلن مان 21 سئو 30 وڪيلن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو،بئريسٽر صلاح الدين احمد اڳوڻي مرحوم چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ صبيح الدين احمد جو پٽ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.