لاڙڪاڻي ۾ شگر جي بيماري بابت جاڳرتا لاءِ ريلي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) شگر جي بيماري جي مرض جي عالمي عالمي جي موقعي تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ميڊيسن شعبي ۽ پاڪستان سوسائٽي آف انٽرنل ميڊيسن لاڙڪاڻو چئپٽر طرفان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي آڊيٽوريم هال ۾ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيلا عطا الرحمٰن جي صدارت هيٺ سيمينار ڪوٺايو ويو جنهن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي ابڙو، پروفيسر ڊاڪٽر عزيز الله جلباڻي، ڪراچيءَ مان آيل پروفيسر محمد زمان شيخ، چانڊڪا اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي سميت شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي ماهر ڊاڪٽرن چيو ته پوري دنيا ۾ 43 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو شگر جي مرض ۾ مبتلا آهن، ڏينهن گذرڻ سان انهن مريضن جي تعداد ۾ اضافو ٿيڻ لڳو آهي جنهن جو مُک سبب روزاني جي بيناد تي مٺيون ۽ کنڊ واريون شيون کائڻ آهي جيڪڏهن اسان احتياط ڪيو ته هن خاموش قاتل بيماري کان بچي سگهجي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.