جوهي ۾ پورهيت جي گهرواري هڏي ۾ زخم ٿيڻ واري بيماري ۾ ورتل

جوھي (ن ع آ)جوھي جي سومرا پاڙي جي رھواسي پورھيت علي محمد ملاح جي گھر واري ڪوثر ملاح گذريل 8 مھينن کان ڪرنگھي جي ھڏي ۾ زخم ٿيڻ واري بيماري ۾ مبتلا ھجڻ سبب بيماري جي بستري تي پيل آھي. ان سلسلي ۾ شھر اندر پورھيو ڪري پيٽ گذر ڪندڙ پورهيت علي محمد ملاح جو چوڻ آهي ته ھن گھر واري جي علاج لاءِ الھ تلھ وڪڻي حيدرآباد، ڪراچي ۽ نوابشاهه جي ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو آهي پر ڪٿان به کيس فائدو ناھي پئجي سگھيو ھن چيو ته گھر واري جي آپريشن لاءِ ڊاڪٽر 2 لک رپيا خرچ ٻڌائي رھيا آھن مگر ھو مسڪين پورهيت ماڻھو آھي جڏھن ته سندس گھرواري ڪوثر ملاح جو چوڻ آهي ته ڪرنگھي جي ھڏي ۾ زخم سبب کيس شديد تڪليف اھي ھوء اٿڻ ويهڻ توڙي ڪم ڪار ڪرڻ جھڙي نه آهي ھن سرندي وارن کي اپيل ڪئي آهي ته سندس علاج ۽ آپريشن ڪرڻ لاءِ سھائتا ڪئي وڃي جيئن ھوءَ گھمڻ ڦرڻ ۽ اولاد کي سنڀالڻ جھڙي ٿي سگھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.