ٺٽي ۾جماعت اسلامي جو اجلاس، سياسي صورتحال تي غور

ٺٽو(بيورو چيف)جماعت اسلامي ٺٽو جو اجلاس مڇي مارڪيٽ ٺٽو ۾ جماعت اسلامي ٺٽو جي امير عبدالله آدم گندرو جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ سرور بلوچ، سمير ميمڻ، نعيم جتوئي، ادريس سمون، شير محمد سمون، غلام حيدر شورو، منظور نوتيار سميت مڇي مارڪيٽ جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سياسي صورتحال ۽ تنظيم سازي تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي عبدالله گندرو، سرور بلوچ ۽ ٻين چيو تہ جماعت اسلامي ديني تنظيم آھي، جيڪا ڪرپشن کان پاڪ ھجڻ سان گڏ غريب، مستحق ماڻھن جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف عمل بڻيل آھي. ھنن چيو تہ ھن وقت ملڪ ۾ حد کان وڌيڪ مھنگائي، بيروزگاري وڌڻ ڪري نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھن، امن امان جي به صورتحال ڏينھون ڏينھن خراب ٿيندي پئي وڃي. ھنن چيو ته  ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آھن، جنھن تي ڪوبه قبضو برداشت نه ڪنداسين. ھنن آخر ۾ فرانس پاران اسانجي آخري نبي حضرت محمد مصطفي صلعم جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي پاڪستاني حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فرانس سان سفارتي ناتا فورن ختم ڪري فرانسيسي سفير کي ملڪ مان نيڪالي ڏيئي سندس سمورين شين جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.