بصر جي ايڪسپورٽ تي پابندي سبب آبادگارن کي ڪاپاري ڌڪ، احتجاج جي ڌمڪي

ٽنڊوالھيار (رپورٽ : خميسو دائوداڻي ) سنڌ جو بصر مارڪيٽ ۾ اچڻ اڳ کان ايڪسپورٽ تي پاپندي سبب بصر جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ويو آھي،  جڏھن ته 7 لک روپين جي تائين وڪامندڙ ٽرڪ 3 لکن تائين اچي وئي آھي اچانڪ اسڪپورٽ تي پابندي سبب ٽنڊوالھيار مٽياري سانگھڙ ضلعي جي آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي ويو آھي، سنڌ جي اڳاٽي بصر جي فصل جي مارڪيٽ ۾ اچڻ شرط وفاقي سرڪار جي غلط پاليسي سبب آبادگارن جا مٿي تي ھٿ اچي ويا جنھن 2700 روپين تائين وڪامندڙ بصر جو ريٽ 1400 روپيا مڻ تي اچي ويو، ھزارين ايڪڙن تي پوکيل بصر ڪڍڻ لا آبادگار پريشاني جو شڪار ٿي ويا آھن بصر جي فصل بابت پاليسي ن ھجڻ تي آبادگارن ۾ ڳڻتي جي لھر پکڙجي وئي آھي ۽  احتجاج جون تياريون ڪيون پيون وڃن ان سلسلي ۾ آبادگار اڳواڻ عبدالرحيم درس  مير خان عاقلاڻي  سردار شاھنواز لغاري غلام مرتضي ڪوري حاجي محمد اسماعيل لغاري وڪي جيپال غلام حيدرٻٻر ۽  ٻين چيو ته وفاقي سرڪار جو سنڌ جي آبادگارن سان ماٽيلي ما وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. اڳواڻن چيو ته ايران ۽ افغنستان مان وڏي پيماني تي بصر گھرائي سنڌ جي آبادگارن کي نقصان ڏنو پيو وڃي.

ابادگارن چيو ته  سنڌ جي بصر کي ايڪسپورٽ ڪري آبادگارن کي فائدو ڏئي سگھهجي ٿو پر ھٿ وٺي نقصان ڏنو پيو وڃي آبادگارن چتا ڏنو ت جيڪڏھن ايسڪپورٽ ٻ کولي وئي ته ھو احتجاجن بصير جي فصل کي ضايع ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.