49 سيڪڙو شهرين پاران مهانگائي جي ذميوار وفاقي سرڪار قرار

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ جي 49 سيڪڙو شهرين مهانگائي  جي ذميوار پي ٽي آءِ جي وفاقي سرڪار کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ريسرچ ڪمپني آءِ پي ايس او ايس جي سروي ۾ 49 سيڪڙو شهرين مهانگائي جي ذميوار وفاقي حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، 17 سيڪڙو صوبائي حڪومتن ۽ 15 سيڪڙو گذريل حڪومتن تي مهانگائي جي ذميواري وڌي آهي، سروي ۾ 97 سيڪڙو ماڻهن مهانگائي کان متاثر ٿيڻ جو به چيو، جڏهن ته 88 سيڪڙو وڌندڙ مهانگائي تي ڳڻتي جو اظهارڪيو، ريسرچ ڪمپني سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن کان سروي ڪئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.