”اوهان اسان جو فخر آهيو“ وزيراعظم جو بهادر اي ايس آءِ سان رابطو

اسلام آباد (بيورو+ م ڊ ) وزيراعظم عمران خان جو  ڪشمور واقعي جي هيرو اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو سان فون تي رابطو ڪيو آهي، وزيراعظم اي ايس آءِ کي ٻارڙي کي بچائڻ لاءِ بهادري جو لازوال مثال قائم ڪرڻ تي شاباس ڏني آهي. وزيراعظم چيو آهي ته ڪشمور ۾ ٻارڙي سان زيادتي ڪندڙ جوابدار جي گرفتاري لاءِ اي ايس آءِ، سندس گهرواري ۽ ڌيءُ مثالي بهادري جو مظاهرو ڪيو، قوم کي محمد بخش ٻرڙو جهڙن پوليس آفيسرز تي فخر آهي، لڄالٽ واقعن جي روڪٿام بابت قانون ۾ خاميون ختم ڪرڻ لاءِ ايندڙ هفتي اينٽي ريپ آرڊيننس آڻي رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.