ڊگهڙي لڳ حادثي ۾ ڇهن ورهين جي ٻارڙي فوت

ڊگھڙي(ن ع آ ) ڊگهڙي ڀرسان ڪنگورو شاخ اسٽاپ تي جهڏو ڀرسان ڳوٺ عبدالله خان لغاري جي رهواسي تاج محمد لغاري جي ڇھن ورهين جي معصوم نياڻي فاطمه بيٺل ڪار مان لهي پاڻي پيئڻ لاء روڊ ڪراس ڪري رهي هئي ته ڊگھڙي جي طرف کان ايندڙ ٽرڪ جي ٽڪر جي نتيجي ۾ ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي فوتي ٻارڙي مائٽن جي ڄڃ ۾ کهنڀڙي طرف وڃي رهيا هئا ڄڃ ۾ شريڪ ٻين جي گاڏين جي انتظار ۾ ڪنگورو شاخ اسٽاپ تي انتظار ڪري رهيا هئا ته حادثو پيش آيو ڊي ايس پي ڊگهڙي ميرآفتاب ٽالپر واقعي واري هنڌ پهچي ٽرڪ ۽ ڊرائيور کي تحويل ۾ ورتو فوتي نينگري جو لاش تعلقي اسپتال ڊگهڙي آندو ويو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.