اسلام ڪوٽ ۾نينگر سان زيادتي معاملو، ڊي اين اي ٽيسٽ تي خدشا

مٺي(بيوروچيف) اسلام ڪوٽ ۾ شاگرد “ڪ” جي والد ايس ايس پي ٿرپارڪر ۽ ايس ايڇ او اسلام ڪوٽ کي درخواست ڏيندي ڄاڻايو  آهي ته سندس پٽ کي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار سيد ڀورل شاھ جو موبائيل اڃا تائين پاڻ استعمال ڪري رهيو آهي، جيڪو تحويل ۾ وٺي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي هن وڌيڪ ڄاڻايو ته جوابدار ڌُر بااثر آهي ان ڪري اسان کي خدشو آهي ته ڊي اين اي ٽيسٽ ۾ ڪٿي هيراڦيري نه ڪئي وڃي ان لاء اسان مطالبو ٿا ڪريون ته ڊي اين اي ٽيسٽ فريادي جي روبرو وٺي سيمپل جيڪا ليبارٽري موڪليا ويندا انهي سان گڏ فريادي ڌُر جو ماڻهو لازمي گڏ هجي اهي خدشا اسان جو دور ڪرڻ لاء اسان جا جائز مطالبا تسليم ڪري عمل ڪرايو وڃي،هوڏانهن پ پ ليڊيز ضلعي اڳواڻ سمترا منجياڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شاگرد ڪلديپ ميگهواڙ سان ناانصافي ٿي آهي،اسين چيف جسٽس سنڌ احمد علي شخ جا ٿورائتا آهيون،جنهن واقعي جو نوٽس ورتو آهي اميد ته انصاف ٿيندو هن چيو ته وارثن جا خدشا جائز آهن ڊي اين اي ٽيسٽ فريادي ڌُر جي سامهون ٿيڻ کپي ۽ سمپل ليباري تائين کڻي ويندڙ ٽيم سان گڏ متاثر ڌُر جو ڪو ماڻهو گڏ هجڻ لازمي آهي.هن چيو ته منهنجي ڪنهن سان به ذاتي دشمني ناهي ڪنهن به انسان ذات جي غريب سان ناانصافي ٿيندي ته بنا خوف ۽ لالچ جي انهي مظلوم سان گڏ بيٺل هوندس پوء کڻي ڪهڙا به چيلئنج سامهون اچن منهن ڏيندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.