دولتپور ڀرسان ڪمند کي باهه وڪوڙي وئي

نوابشاهه(ڊ ر) دولتپور ڀرسان ڳوٺ نوح ڏاهري ۾ ڪٽائي ٿيل ڪمند جي ڇلي ساڙڻ دوران بيٺل ڪمند کي باھ وڪوڙي وئي، جنهن  سبب آبادگارن جو بيٺل 15 ايڪڙ ڪمند سڙي رُک ٿي ويو، ڳوٺاڻن پنهنجي همت پاڻ ڪري باھ تي ضابطو آندو. خبر موجب دولتپور ڀرسان ڳوٺ نوح ڏاهري ۾ ڪمند جي ڪٽائي ٿيل ڪمند جي ڇلي ۽ ڪچري کي هاري ساڙي رهيو هو ته اوچتو تيز هوا سبب ڀرسان بيٺل ڪمند جي فصل کي باھ وڪوڙي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ آباد گارن نوح ڏاهري، سڪندر ڏاهري، الھ ڏنو ڏاهري، عبدالهادي ڏاهري، علي شير اوٺو جو 15 ايڪڙ ڪمند جو فصل سڙي رک ٿي ويو، جڏهن ته ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائي وڌيڪ ڪمند جي فصل کي سڙڻ کان بچائي ورتو جڏهن ته ڳوٺاڻن فائر برگيڊ وارن کي بر وقت اطلاع ڏنو پر فائر برگيڊ سرزمين تي پهچي نه سگهيو، هوڏانهن متاثر آباد گارن چيو ته اسان جي تيار ٿيل فصل ڪمند کي اوچتو باھ لڳي وئي ، حڪمرانن کي گذارش ٿي ڪجي ته اسان جي مدد ڪئي وڃي ۽ گڏيل زميندارن جو لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي ، هوڏانهن ٻڌايو پيو وڃي تہ آبادگارن جو 50 لک رپين کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.