ڀان سيدآباد ويجهو ڀنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،هڪ عورت زخمي

ڀان سيدآباد ويجهو ڳوٺ لطف علي ڀنڊ ۾ ڀنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران ڏنڊا ۽ سروٽا لڳڻ سبب مسمات ريما زال اصغر ڀنڊ سخت زخمي ٿي پئي ، جنهن کي دادو اسپتال منتقل ڪيو ويو ڀنڊ برادري جي متاثرن پاران  جوابدارن جي گرفتاري لاء پريس ڪلب پهچي دانهيو ويو  ، ان موقعي تي انور ڀنڊ ، محمد يوسف ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جون عورتون ڦٽين جي چونڊي تي وڃي رهيون هيون ته جوابدارن ڪامريڊ مرچو ڀنڊ ، ذوالفقار ڀنڊ عباس ۽ ممتاز ڀنڊ حملو ڪيو ، ۽ ريما جي ڄنگه ڀڃي چڏي ، هنن الزام هنيو ته خدآباد پوليس ڳري رشوت وٺي جوابدارن سان ٻٽ بڻجي وئي آهي ، انهن جو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناهي ، هنن وڏي وزير سيد مراد علي شاه، ڊي آء جي حيدرآباد،  ايس ايس پي دادو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته انهن سان انصاف ڪري کين تحفظ ڏنو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.