فريد آباد ۾ پراسرار گولي لڳڻ سبب ناري فوت

فريدآباد ( ن ع آ)فريدآباد ويجهو ڪاڇي جي ڳوٺ الھڏنو تيوڻو جي رھواسي علي گوهر خاصخيلي جي نوجوان 20 ورھين جي ڌي شازيه  خاصخيلي گذريل رات ميھڙ جي وحدت ڪالوني ۾ قائم سندس گهر اندر پراسرار نموني پسٽل جي گولي لڳڻ سبب فو ت ٿي وئي آھي واقعي بابت فوتڻ ناري جي ڀاءُ نورنبي خاصخيلي جي اطلاع تي فوتڻ نوجوان ناري جو لاش ميهڙ پوليس کڻائي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو تعلقه اسپتال ميهڙ ۾ ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ تي فوتڻ ناري جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ميهڙ اسپتال بعد دادو منتقل ڪيو ويو، جڏھن ته وارثن پاران گهر اندر پيل نامعلوم پسٽل جو اتفاقي فائر ٿيڻ ۽ گولي لڳڻ سبب فوت ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. ميهڙ پوليس گهر مان پسٽل پڻ هٿ ڪري ورتو آھي جڏھن ته اتفاقي فائر ۾ فوت ٿيل ناري بابت علائقي ۾ مختلف افواهه گردش هيٺ آھن. ھوڏانھن ڊي ايس پي ميھڙ يونس رودناڻي ناري جي ڀاءُ نورنبي ۽ حميد خاصخيلي کي جاچ لاءِ ميھڙ ٿاڻي تي گھرائي ورتو آھي جڏھن ٻي طرف نوجوان ناري کي پسند جي پرڻي تان قتل جا چوٻول ھلندڙ آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.