چيلهار ۾ ديوالي جي موقعي تي صفائي، اسٽريٽ لائيٽون بحال

چيلھار (ن ع آ)ديوالي جي موقعي تي ٽائون ڪميٽي چيلھار جو ٽي ايم او سعيد احمد بروھي تھوار واري موقعي تي ھنڌو ڀائرن جي پوڄا پاٺ  ڪرڻ واري جڳھين جي آس پاس صفائي ڪرائي ڪجھ بند پيل اسٽريٽ لائيٽن کي ٺھرائي ڇڏيو آھي جئين ھنڌو ڀائرن کي سھولت ملي سگھي ان حوالي ٽي ايم او چيلھار سعيد احمد بروھي ديوالي جي موقعي تي سموري شھر کي چمڪائڻ سان گڏوگڏ ھنڌو ڀائرن جي مين اوم چوڪ, ڪرشنا مندر جي بھترين نموني صفائي ڪرائي سينگار ڪرائي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ڇڏيو آھي ٽي ايم او چيلھار سعيد احمد بروھي پاران ديوالي جي موقعي تي ھنڌو ڀائرن جي مندر سينگاري بھترين بڻائي خوبصورت بڻائڻ سان گڏو گڏ شھر سموري جڳھين جنھن ۾ مين چوڪن بس اسٽاپ شاھي بازار ننڍي بازار مختلف مين روڊن سميت وارڊن جي گھٽين جي صفائي ڪرائي شھر کي صاف سٿرو بڻائي ڇڏيو آھي جڏھن تي ٽائون آفيسر سعيد احمد بروھي جي کنيل اھڙن قدم جي شھرين ساراھه ڪندي چيو تي ٽائون آفيسر کي اسان سلام پيش ڪيون ٿا جنھن انسايت برقرار رکندي اھا ثابت ڪري ڇڏيو آھي تي اڃا بي ڪٿي ڪٿي انسانيت زنده آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.