مهانگي شادي ۽ سادگيءَ جا درس

نذير سومرو

تازو لاهور ۾هڪ شادي ٿي گذري، جنهن ۾ سادگيءَ جا ڊگها سبق ڏيندڙ به شريڪ ٿيا هئا، جن جي علم ۽ عمل ۾ايتري فرق تي سوشل ميڊيا تي آڱريون کڄن پيون. ان شاديءَ ۾هزارين ماڻهن جي شرڪت ۽ ان ۾ٿيندڙ پروگرامن تي خرچن جو اندازو 2 سئو ڪروڙ ٻڌايو پيو وڃي. شاديءَ ۾ايترو خرچ ٿيندو رهيو ۽ آئين، قانون، اخلاقيات سڀ بيوس ۽ لاچار بڻجي ڏسندا ئي رهجي ويا. وڏا وڏا سبق ڏيندڙ به ڦڪي کِل کلندا نظر آيا، ان تي ڪي ٻه رايا نه ٿا قائم ٿي سگهن ته هاڻوڪا حڪمران يا حڪمران رهندڙ طبقو هن شاديءَ پويان هوندو، ٻئي کي ايتري طاقت ڪونه ٿيندي، جيڪي سدائين اقتدار ۾اچي پهرين ڏينهن کان سادگي سادگي ڪندا آهن جن تي عمل وري هن حڪومت وانگر ٻُڙي ئي هوندو آهي.

هن شاديءَ ۾مُجرا به ٿيا، جنهن ۾گهور لاءِ استعمال ٿيندڙ هزار جو نوٽ ننڍي ۾ننڍو هو نه ته گهڻو ڪري پنج هزار وارا نوٽ گهوريا ويا، جنهن جي ماليت جو اندازو به ڪروڙن ۾وڃي بيهندو. انهن مجرن جون تصويرون جيڪي ميڊيا تي آيون اهي پنهنجي جاءِ تي بحث ئي الڳ آهي ته رياست مدينه ۾ٻن وڏين ڪمپنين جي اولاد جي شادي ۾اهڙي جرئت ڪيئن ٿي انهن کي؟

کاڌي لاءِ به ڪيترن ئي قسمن جا کاڌا تيار ڪيا ويا، ايڏي وڏي ميڙاڪي واري هي تقريب خود رياست مدينه جي دعويدار ۽ ڪورونا جي بهاني اپوزيشن جي جلسن تي تنقيد ڪندڙن کان اهو سوال پڇي ٿي ته سندن قانون هڪ طرفو ڇو آهي؟ ڇا عوام اوهان کي رڳو حزب اختلاف مٿان حڪمراني لاءِ ووٽ ڏئي ٿو؟ اسڪول بند ڪرڻ جا اعلان ڪندڙ ڪهڙي قانون هيٺ اهڙين تقريبن جي اجازت ڏئي اتي ڏند ڪڍي کلي شرڪت ڪندا رهن ٿا؟

سرمائيداري ايمان خريد ڪندڙ هجي ٿي. ايمان کي مهمان چوندڙ هن نظام ڪيترن جا گهر خالي ڪيا هوندا جو اهڙي قسم جي هڪ شادي ٿي هوندي. ڪيترا خاندان بکيا سمهيا هوندا جو ڪجهه ڍڍ ڀريا ويا هوندا. آخر دنيا جي ڪهڙي مذهب ڪهڙي نظام ۾هي جائز آهي؟

دنيا جو وڏي ۾وڏو ڏوهه ڪهڙو آهي ان تي ڪونه ٿو لکجي، باقي دنيا جو اهو ڏوهه جنهن مان لکين ڪروڙين ڏوهه جنم وٺن ٿا اهو آهي دولت جو هڪ جاءِ تي گڏ ٿيڻ. دولت جڏهن هڪ گهر کي ڀري ٿي ته پڪ سمجهو اها سوين هزارين گهر ڪنگال ڪري ٿي ۽ اهي سوين هزارين گهر ڦري گري ڏوهه جي ڪنهن نه ڪنهن دڳ تي نڪري اچن ٿا. اهي ڏوهه وري ٻين ڏوهن کي جنم ڏيندي هڪ اڻ کٽ سلسلو جوڙين ٿا جيڪو سماج کي ناسور جي شڪل ڏئي ٿو. سماج جي شڪل انساني ڪونه ٿي رهي، اهو اهڙو انڌو درندو بڻجي وڃي ٿو جنهن وٽ رشتا ڪا معنيٰ ڪونه ٿا رکن. سرمائيداري اصل ۾پيسي کان پيسي تائين جي دنيا آهي جيڪا چوويهه ڪلاڪ ٻارنهن مهينا انساني ذهنن منجهه اهڙا رويا جوڙي ٿي جتي هر ماڻهو هر شيءَ کي پيسي سان پرکي ٿو.

سموري دنيا سان گڏ اسان جو ملڪ به هن بيماري ۾بُري طرح ڦاٿل آهي. هڪ طرف اربين رپيا آهن ته ٻئي طرف رڳو ڪجهه روپيا، هڪڙا پريشان آهن ته ڪاري ناڻي کي ڪيئن اڇو بڻائجي، ڪٿي لڪائجي، ڪيئن لڪائجي. ٻيا پريشان آهن ته پنهنجي سامهون مرندڙ کي بچائڻ وارين دوائن جا پيسا ڪٿان اچن! ڪيڏي نه وڏي وٿي آهي جنهن جو جائز هجڻ ڪنهن به مذهب، ڪنهن قانون، ڪنهن اخلاقيات وٽ ڪونهي.

هاڻي ڪو راز ناهي رهيو ته هي سماج مافيائن وٽ قيد ٿيل آهي. مافيائون وري ڪنهن ٻين وٽ ”انشورنس“ ٿيل آهن. هي دولت جي ورڇ جو اهڙو دائرو آهي جنهن ۾آخري طور تي غريب پيسجندو رهي ٿو، نتيجي ۾امير وڌيڪ امير ۽ غريب ويتر غريب ٿي سماج کي ڀوائتو بڻائي ڇڏي ٿو.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان جا حڪمران، اسان جا عالم اسان جا پڙهيل لکيل عرف عام ۾سول سوسائٽي سڏجندڙ پنهنجي علم ۽ عمل ۾توازن پيدا ڪن، جنهن سان ئي هن بدشڪل معاشري کي سُهڻو بڻائي رهڻ جي قابل بڻائي سگهجي ٿو ٻي صورت ۾هي سماج پنهنجي عوام کي ماري وجهندڙ هوندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.