اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان ٿينديون: بلاول

گلگت (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان ئي ٿينديون.  گلگت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول چيو ته جمهوريت جي مضبوطي چاهين ٿا. هن چيو ته گلگت بلتستان جي چونڊ مهم ۾ سندن آخري جلسو هو پر روڪيو ويو، فيصلو نه وڻڻ باوجود تسليم ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته پ پ جو شروع کان مطالبو رهيو آهي ته ملڪ ۾ شفاف چونڊون ٿين پر افسوس ائين نه پيو ٿئي، پ پ اها جماعت آهي، جنهن پاڪستان کي آئين ڏنو ۽ اسان گلگت بلتستان جي عوام کي ان جو حق ڏيارينداسين. هن چيو ته چونڊ مهم دوران اسان کي صوبي بدر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اسان جو آخري جلسو روڪيو ويو، عدالتي فيصلو پسند نه هجڻ باوجود تسليم ڪيان پيو. سندس چوڻ هو ته گلگت بلتستان ۾ چونڊون صاف شفاف ٿيڻ ملڪ لاءِ انتهائي اهم آهي، گلگت جو عوام ڌانڌلي ۽ تڪراري نتيجن خلاف چُپ نه ويهندو ۽ ان خلاف لازمي احتجاج ٿيندو، ڌانڌلي نه ٿي ته اسان اڪثريت سان ڪامياب ٿينداسين. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.