فهميده ۽ گلشانه شر جي قتل واقعن خلاف سانگهڙ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي ريلي

سانگهڙ (رپورٽ؛ محمد حسين بلوچ) عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان کپرو لڳ کاهي ٿاڻي جي حد ڳوٺ دُر محمد شر ۾ سردار  ڪريم بخش شر طرفان جرڳو ڪري ڪاروڪاري جي الزام هيٺ فهميدا شر ۽ گلشانه شر کي قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف سانگهڙ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري کي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر صبحاني ڏاهري ۽ ٻين خطاب ڪيو. عمره سمون، پريمي ڀيل، محتاب ڏاهري، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ڊاڪٽر راڻو ڪنڊاڻي، عالم لغاري، علي نواز ڏاهري، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سارنگ راجا ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته کاھي ۽ سنڌڙي ۾ ڪاروڪاري جي واقعن ۾ گلشانہ شر، فھميدہ شر کي ناحق قتل ڪيو ويو آهي، ھنن چيو تھ ذاتي دشمنيءَ کي پاڙڻ لاءِ ناحق نياڻين کي ڪاري ڪري ماريو پيو وڃي ۽ ان سڄي عمل ڪرائڻ وارا پوليس گرفتار نٿي ڪري، جنھنڪري اھڙا واقعا تيزي سان وڌي رهيا آهن، ھنن چيو ته افسوس آهي ته ڪشمور ۾ ھڪ چار ورهين جي نياڻي کي پنھنجي حوس جو نشانو بڻايو ويو آھي، اھڙن ماڻھن کي سرعام ڦاهي ملڻ گھرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.