جسٽس وقار جو مشرف کي ڦاهي ڏيڻ ۽ لاش ٽنگڻ جو تاريخي فيصلو ڏنو

پشاور ( م ڊ )  پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وقار احمد سيٺ جو واسطو ڊيرا اسماعيل خان ضلعي جي هڪ وچولي ڪاروباري طبقي سان هو.جسٽس وقار سيٺ 16 مارچ 1961 تي ڊي آءِ خان ۾ پيدا ٿيو، هن 1977 ۾ ڪينٽ پبلڪ اسڪول پشاور مان ميٽرڪ ڪئي ۽ 1981 ۾ اسلاميه ڪاليج پشاور مان بي ايس سي جي ڊگري حاصل ڪئي.هن 1985 ۾ خيبر لا ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي، جڏهن ته سن 1986 ۾ پشاور يونيورسٽي مان سياسيات ۾ ماسٽرز ڪئي.وقار احمد سيٺ 1985 ۾ لوئر ڪورٽس مان پنهنجي وڪالت شروع ڪئي ۽ 1990 ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجيون پيشور ذميواريون شروع ڪيون.مئي 2008 ۾ هـُو سپريم ڪورٽ جو وڪيل ٿيو، 2011 ۾ کيس ايڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو ويو، ان دوران هـُو بينڪنگ ڪورٽ جو جج ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪمپني جج به رهيو. کيس سب آرڊيننيٽ جوڊيشري سروس ٽربيونل پشاور جو ميمبر رهڻ جو به اعزاز حاصل آهي.جسٽس وقار سيٺ 28 جون 2018 تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حيثيت سان حلف کنيو ۽ لاڏاڻي تائين چيف جسٽس جي عهدي تي مقرر هو.سندس والد سيٺ عبدالواحد سينيئر ترين سيشن جج طور ريٽائرڊ ٿيو، جڏهن ته سندس نانو خدا بخش پاڪستان ٺهڻ کان اڳ 1929 ۾ ٺهندڙ صوبي جي پهرين اعليٰ عدالت جو جج رهيو هو.پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وقار احمد سيٺ جو شمار خيبرپختونخواهه جي انهن ججز ۾ ٿئي ٿو، جن انتهائي اهم معاملن ۾ فيصلا ڏنا ۽ پشاور جا وڪيل سندس فيصلن کي “بولڊ” سمجهندا هئا.ان کان علاوه جسٽس وقار سيٺ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي سڀ کان وڏي منصوبي بي آر ٽي “ بس ريپڊ ٽرانزٽ” بابت ايف آءِ اي کي حڪم ڏنو ته جاچ مڪمل ڪري 45 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪري.جسٽس وقار سيٺ ان خاص عدالت جو سربراهه رهيو، جنهن اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي آئين ٽوڙڻ جي الزام هيٺ موت جي سزا ٻڌائي هئي. پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي فيصلي کانپوءِ پيراگراف نمبر 66 انتهائي بحث جو موضوع بڻيل رهيو، پيراگراف 66 ۾ بينچ جي سربراهه جسٽس وقار سيٺ قانون لاڳو ڪندڙن کي حڪم ڏنو ته جنرل ريٽائرڊ پرويز مشرف کي گرفتار ڪري سزا تي عملدرآمد جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي، جيڪڏهن هو مرده حالت ۾ ملي ته سندس لاش کي اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي ٽن ڏينهن تائين ٽنگيو وڃي.ان فيصلي کانپوءِ 13 جنوري تي لاهور هاءِ ڪورٽ، پرويز مشرف کي سنگين غداري ڪيس ۾ سزا ٻڌائيندڙ خاص عدالت جي جوڙجڪ کي غير قانوني قرار ڏنو هو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.