ادارا هٽي وڃن ته عمران سرڪار 24 ڪلاڪن جي مار آهي: مريم نواز

سوات (م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته هي  حڪومت هروڀرو جي آهي، ادارا هٽي وڃن ته هي حڪومت 24 ڪلاڪن جي مار آهي. سوات ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ادارن سان ٽڪراءُ نه ٿا چاهيون، ادارا به عوام سان ٽڪراءُ ۾ نه اچن. هن چيو ته هي حڪومت هروڀرو آهي، ڪراچي ۾  منهنجو دروازو ٽوڙيو ويو، صفدر گرفتار ٿيو پر سليڪٽيڊ وزيراعظم کي خبر ئي نه پئي. ايتري بي عزتي مون سان پيش اچي ها ته استعيفيٰ منهن تي هڻي ڪڍان ها. مريم چيو ته وزيراعظم پاڪستان ۾ سمورين بيمارين جو هڪ ئي علاج آهي ته جعلي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪريو، شفاف چونڊون ڪرائي عوام کي سندن حقيقي نمائندن حوالي ڪيو وڃي. مريم نواز چيو  ته نواز شريف جي بيانيي جو بار عوام کڻي ورتو آهي. هاڻي اُنهي بيانيي کي اڳتي کڻي هلڻ ۽ جدوجهد جاري رکڻ اسان جو فرض آهي، جعلي حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جو وقت اچي ويو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.