وحشت جو نشانو بڻيل معصوم نينگري عليشا جي حالت خراب، ڪراچي منتقل

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) ڪشمور ۾  اجتماعي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻيل معصوم نينگري عليشا نمونيا ۽ سيني جي تڪليف ۾ مبتلا هئڻ جي ڪري سندس جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي، چائلڊ لائيف ڪيئر فائونڊيشن ايمرجنسي منتقل، ايمرجنسي ۾ سهولتن جي کوٽ سبب نينگري کي ڪراچي آغا خان اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين جي چيئرپرسن  نزهت شيرين جي عليشا جي عيادت، واقعي اعليٰ سطحي جاچ ڪري گينگ ريپ ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ ڊي اين اي ڪرائڻ جو مطالبو، ڪميشن طرفان رپورٽ آءِ جي سنڌ ڏانهن اماڻي ويندي. ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب ڪشمور ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ وحشي بگهڙ جوابدارن هٿان اجتماعي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻيل نينگري عليشا کي جمعي رات دير سان چانڊڪا پيڊس سرجري وارڊ مان شهر جي شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۾ قائم چائلڊ لائيف فائونڊيشن ايمرجنسي ۾ داخل ڪرايو ويو جتي ماهر ڊاڪٽرن پاران سندس جو طبي معائنو ڪيو. ايمرجنسي وارڊ جي ڊاڪٽرن طرفان ميڊيا توڙي عام ماڻهن کي نينگري عليشا سان ملاقات تي پابندي لڳائي وئي جيئن کيس بهتر علاج ملي سگهي. اسپتال ذريعن موجب نينگري عليشا کي اغوا بعد ٻهراڙي واري علائقي ۾ مسلسل ٿڌ ۾ رکڻ ۽ کيس ٿڌ لڳڻ جي ڪري عليشا چيسٽ انفڪيشن ۾ مبتلا ٿي وئي ۽ ڊاڪٽرن پاران به کيس نمونيا جي به تصديق ڪئي وئي. اهڙي صورتحال کان پوءِ نينگري عليشا جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي جنهن ڪري سنڌ حڪومت جي خاص هدايتن تي نينگري عليشا کي اسپتال ۾ علاج جي سهولتن جي کوٽ سبب ايمبولينس جي ذريعي ڪراچي جي آغا خان اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته چائلڊ لائيف فائونڊيشن مان عليشا کي ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم سان گڏجي آغا خان شفٽ ڪيو ويو آهي. ڪراچي منتقل ڪرڻ کان اڳ جنسي ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻيل معصوم نينگري عليشا جي امڙ  تبسم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڌيءُ جي حالت انتهائي خراب آهي ۽ هن وقت سندس جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جوابدارن منهنجي ڌيءُ سان ظلم ڪيو آهي ۽ منهنجي خواهش آهي ته هوءَ عليشا جي اکين جي سامهون جوابدارن کي ڦاهي ڏني وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.