ايل او سي تي ڀارتي فائرنگ ۾ 4 شهري ۽ هڪ جوان شهيد

راولپنڊي ( م ڊ ) ڀارتي فوج جي لائن آف ڪنٽرول تي بنا جواز فائرنگ ۾ 4 شهري ۽ هڪ جوان شهيد ٿي ويو، 5 جوانن سميت 17 ڄڻا  زخمي ٿي پيا.آءِ ايس پي آر موجب ڀارت اندروني مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ايل او سي تي محاذ کولي ڇڏيو آهي، 7 ۽ 8 نومبر تي مبينا طور تي ڀارتي فوجي جي ضلعي ڪپواڙه ۾ حريت پسندن سان والاريل ماٿري ۾ چڪريون ٿيون، جنهن ۾ 4 ڀارتي فوجين سميت ڪجهه ٻيا مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب ماٿري ۾ ذلت کي منهن ڏيڻ تي 13 نومبر تي ڀارتي فوج ايل او سي تي بنا جواز فائرنگ ۽ مارٽر گولا فائر ڪيا، شهري آبادي تي فائرنگ سبب 4 شهيد ۽ 12 زخمي ٿي پيا، ڀارتي فوج لپيا، نيلم ماٿري، جورا، سيڪٽر شاهه ڪوٽ ۽ باغ ماٿري ۾ فائرنگ ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڀارتي فورسز پاران ڄاڻي واڻي شهري آبادي کي نشانو بڻايو، پر فوج پاران ڀارتي اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏنو ويو، پاڪ فوج پاران ڀارتي چيڪ پوسٽن کي موثر انداز ۾ نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پاڪ فوج جو هڪ جوان شهيد ۽ 5 زخمي ٿي پيا. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مادر وطن جو هر صورت  ۾ دفاع ڪيو ويندو ۽ ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

لاڙڪاڻي ۾ رولو ڪتن وڌيڪ 12 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، وڌيڪ 6 ٻارڙن ۽ هڪ عورت  سميت 12 ڄڻن کي رولو ڪتن چڪ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ 5 سالن مختيار پٽ لياقت علي، 6 سالن جو مدثر پٽ منور، 7 سالن جو ساجد پٽ گلشن، 8 سالن جو حاجي محمد پٽ روشن، 13 سالن جي رقيه ڌيءَ سراج، 13 سالن جو فرحان پٽ گلشن، 16 سالن جو وسيم پٽ ولي محمد، 16 سالن جو آصف علي پٽ دوست علي، 24 سالن جو اياز پٽ مور خان، 28 سالن جي انيلا زال سراج، 50 سالن جو علي خان پٽ عيدن ۽ 59 سالن جو عبدالخالق پٽ عبدالغني شامل آهن زخمي سمورن متاثرن کي سندن وارثن ڌار ڌار کڻائي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز سينٽر منتقل ڪيو جتي کين ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو.

اڪري چودڳي ۾ ڪتي ڏاڙهيل نياڻي کي ويڪسين نه ملي

اڪري چودڳي(ن ع آ ) اڪري ۾ 5 ورهين جي ٻارڙي کي اسڪول ويندي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، ڳوٺ حاجي پيروز شر واسي غريب پورهيت لقمان شر جي 5 سالن جي نياڻي آمنا خاتون کي اسڪول ويندي رولو ڪتي هٿ ۾ چڪ هڻي  زخمي ڪري وڌو، نياڻي جا وارث ويڪسين لاءِ  پهرين ايم سي ايڇ اڪري ۽ بعد رورل هيلٿ سينٽر پڪاچانگ ويا پر کين ويڪسين نه ملي سگهي، نياڻي کي ويڪسين نه ملڻ سبب وارث سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.اسپتالن ۾ ويڪسين نه هئڻ تي علائقي واسين سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

ٽالهي ۾ رولو ڪتن ٻن  اسڪولي ٻارڙين کي ڏاڙهي وڌو

ٽالهي ( رپورٽ : غلام مرتضيٰ ) ٽالهي ۾ رولو ڪتن ٻن  اسڪولي ٻارڙين کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، ويڪسين نه ملڻ سبب والدين  پريشاني ۾ وٺجي ويا آهن،  ڪالهه صبح جو رولو ڪتن پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿي هڪ  نياڻي کي ڏاڙهي وڌو،  جڏهن ته ٻي ٻارڙي تي وچ بازار ۾ ڪتن حملو ڪيو، ان سلسلي ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر تاج محمد ٽنگڙي چيوته منهنجي معصوم نياڻي  اسڪول وئي هئي، جتي واقعو پيش آيو،  پر وڌيڪ ڳڻتي جي ڳالهه اها آهي ته ويڪسين نه ملي سگهي آهي. هوڏانهن بي ايڇ يو ۾ ويڪسين نه ملڻ تي ٻارڙين  کيڪنري نيو ويو هو،

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪتي ڏاڙهڻ جا 3 ڪيس داخل

ٺٽو/ ڇاڇرو / جوهي (نمائندن وٽان ) ڇاڇري ۾ رولو ۽  ڇتن ڪتن جي ڏاڙهڻ  جي واقعن  جا 2 ڪيس ٻن يوسيز سيڪريٽرين خلاف داخل ڪيا ويا آهن.ڇاڇرو جي يونين ڪائونسل ڌاڙيندڙو ۽ يونين ڪائونسل ڪانٽو جي مختلف ڳوٺن ۾ چئن ڏينهن دوران 11 کان مٿي ماڻهن ۽ ڪيترن  ئي جانورن کي ڏارهي مارڻ  جون خبرون ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ عدالتي حڪم تي  2 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. يونين ڪائونسل ڌاريندڙو جي سيڪريٽري مير علي مراد عرف مير دلبر ۽ يونين ڪائونسل ڪانٽيو جي سيڪريٽري لو ڪمار مهراج تي ڇاڇرو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، هوڏانهن  جوهي ۾ ميونسپل انتظاميا  ڪيس داخل ٿيڻ جي خوف کان هڪ دفعو وري ڪُتامار مهم شروع ڪري ڇڏي آهي، حسين آباد ڪالوني،  نئين ڪالوني سميت مختلف وارڊن ۾ ڪُتن کي زهر ڏئي ماريو پيو وڃي. هوڏانهن ٺٽي ضلعي جي ھيڊ ڪوارٽر مڪلي ۾ معصوم ٻارن کي رولو ڪتن جي ڏاڙھي زخمي ڪرڻ وارو واقعي جوڪيس داخل ڪيو ويو آهي، مڪلي ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ھيٺ داخل ڪيس ۾ ٽائون ڪميٽي مڪلي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو نظام جتوئي ۽ آفيس سپرينڊيٽ آچار سمون کي نامزد ڪيو ويو آھي،اھڙي ايف آء آر داخل ٿيڻ بعد بااثر ڌريون ملوث ڏيکاريل ٻنهي جوابدارن کي بچائڻ ۽ ڪيس مان نالا خارج ڪرائڻ لاء سرگرم ٿي ويون آھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.