پي ڊي ايم وارا چاهين ٿا ته فوج سياست ۾ مداخلت ڪري کين حڪومت ۾ آڻي: فواد چوڌري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مريم نواز ڪالهه ابتي قلابازي ڏني، پيءُ ۽ ڌيءَ کي خبر ئي ناهي ته ڇا ڪرڻو آهي، اهي اڳ ۾ ويهي فيصلو ڪن ته کين ڇا ڪرڻو آهي.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته دنيا جي چئن وڏن ملڪن ڪورونا ويڪسين جي حوالي سان هڪ هٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان ڪورونا بابت 100 ملين ڊالرن جون شيون برآمد ڪري رهيو آهي، اسان جي وبائي مرض جي ويڪسين تي ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي.

هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو نظريو تعليم ۽ سائنس کي هٿي ڏيڻ آهي، پاڪستان ۾ هاڻ وينٽي ليٽرن جي مينوفيچرنگ شروع ٿي وئي آهي.

اپوزيشن تي تنقيد ڪندي فواد چوڌري چيو ته انهن جي تحريڪ جو ڪو اخلاقي جواز ئي ناهي، ملڪي سياست تي اپوزيشن ۽ حڪومت ۾ ڊائلاگ ٿيڻ گهرجي، پي ڊي ايم جي خواهش آهي ته فوج سياست ۾ مداخلت ڪري اسان کي حڪومت ۾ آڻي، اهي چاهين ٿا ته فوج سياسي ٿي وري غير سياسي ٿي وڃي، جيڪو نه ٿيندو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مريم بي بي وٽ رڳو 7 اميدوار آهن ته هوءَ ڪيئن ٿي چئي ڌانڌلي ٿيندي؟ پي ٽي آءِ گلگت بلتستان ۾ ڪلين سوئيپ ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.