گمبٽ: ڊرٻ ميھر شاھ ۽ ڀرپاسي ۾ نقلي زرعي ڀاڻ جو وڪرو عام، آبادگار پريشان

ڊرٻ ميھر شاھ ۾ نقلي زرعي ڀاڻ جو وڪرو عام ٿي ويو، نقلي ڀاڻ جي وڪري تي علائقي جي  آبادگارن ۾ سخت ڳڻتي پکڙيل آهي  ، ڀرپاسي جي آبادگارن ارشاد علي ، عبدالطيف اڄڻ،صوفي امير بخش اڄڻ، عطاءُ الله اڄڻ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته نقلي ڀاڻ جي وڪري سبب آبادگارن جا لکين روپين جا فصل تباھ ٿي ويا آھن،  ڊيلرن ۽ زراعت کاتي ضلعي جي آفيسرن جي ملي ڀڳت سان نقلي ۽ ٻيو نمبر ڀاڻ جو ڪاروبار تيز ٿي ويو آھي،  آبادگارن زراعت کاتي جي اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته نقلي ڊي اي پي ڀاڻ تيار ڪندڙ ڪمپني ۽ ڊيلرن خلاف ڪاروائي ڪري آبادگارن کي ڪنگال ٿيڻ کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.