ٺٽ جاگير ٻيلو ليز تي مقامي ماڻهن حوالي، ڪاٺ ڪٽي وڪرو، احتجاج

قاضي احمد (رپورٽ: مومن جوڻو)ضلعي شهيد بينظير آباد جي رينج قاضي احمد ۾ موجود ٺٽ جاگير ٻيلو جيڪو لڳ ڀڳ ست سئو نوي ايڪڙن تي ٻڌل آهي، فاريسٽ کاتي جي ملازمن جي ملي ڀڳت سان ڪٽي ڪاٺ وڪرو ڪري مقامي ماڻهن کي نام نهاد ليز تي ڏنو ويو آهي، اهوئي سبب آهي جو اڄ ٻيلي کاتي جا عملدار ڪک پتي مان ڪروڙ پتي بڻجي ويا آهن. ياد رهي ته ڪجهھ وقت اڳ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي آرڊر تحت ٻيھر ٻيلو بحال ڪيو ويو هو پر ان تي عمل ٿيڻ بدران ڪجھه بااثر قبضا مافيا ٻيلي کاتي وارن کي ڳري رشوت ڏئي ڪچن وڻن کي ڪٽي پاڙئون ختم ڪري ٺٽ جاگير ٻيلي کي مڪمل طور تباھ ڪيو پيو وڃي، اهڙي عمل خلاف مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ هتان جي مقامي ماڻهن محمد بچل ڀٽو، ميرل اوٺو، ڌڻي بخش ڪلوئي، محمد عمران انڙ، گلبهار ڪلهوڙو، غلام حسين جوڻيجو، محمد قاسم جوڻيجو، سيد محبوب علي شاھ، عبدالعزيز گبول، محمد اسحاق گبول، ساجد علي گبول، صابر حسين اوٺو ۽ ٻين سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪري چيف جسٽس پاڪستان، چيف جسٽس ھاءِ ڪورٽ سنڌ، وزيراعليٰ، چيف سيڪريٽري سنڌ، ٻيلي کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽري سميت ٻين وس وارن کي پرزور مطالبو ڪيو آهي ته ٺٽ جاگير ٻيلو بچائي ماحولياتي گدلاڻ ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.