ٽنڊي غلام علي ۾پورهيت جي گهر تي قبضو، ڀاتين تي تشدد، احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) ٽنڊوغلام علي ۾ پورهيت جي گهر تي بااثر ماڻهن جي قبضي خلاف آل پاڪستان سماجي تنظيم پاران حيدرآباد  پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر سارنگ، مير محمد، علي احمد جروار ۽ ٻين چيو ته ٽنڊوغلام علي ٿاڻي جي وڏي منشي ڀائي خان مڱريو ۽ ٽنڊوغلام علي جي بااثر ماڻهن هٿياربند ساڻ ڪري پورهيت ڀاڻو ميگهواڙ جي گهر تي قبضو ڪري گهرڀاتين کي سخت تشدد جو نشانو بنايو، گهر تي قبضي کان پوءِ پورهيت جا معصوم ٻچڙا کلي آسمان هيٺان ٿڌ ۾ سڪي رهيا آهن، جنهن بابت عدالت ۾ ٿاڻي جي وڏي منشي ڀائي خان مڱريو ۽ ان جي ساٿين خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو، جنهن تي ڄاڻايل ماڻهو مڇرجي کيس موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.