ڊگهڙي لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،2 ڀائر زخمي

ڊگهڙي(ن ع آ )ڊگهڙي ڀرسان ڳوٺ حسين بخش لغاري ۾ لغاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾  ٻه ڀائر مير محمد ۽ بهاول ولد نگر خان لغاري زخمي ٿي پيا زخمين کي پوليس ميڊيڪل ليٽر ڏئي تعلقي اسپتال ڊگهڙي اماڻيو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو،

ڀرياسٽي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت مرڻينگ، نوشهري منتقل

ڀرياسٽي  (ن ع آ) ڀرياروڊ  ڊگري ڪاليج ۾ تعميراتي ڪم ڪندي پورهيت 35 ساله گل حسن پنهور بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سخت زخمي۔پورهيت  زخمي  حالت ۾ نوشهروفيروز  اسپتال داخل ۔ٺيڪدار رجب چانڊيو ٻڌايو ڪاليج جي مٿان 11 هزار بجلي جون تارون گذرن پيون  سيڪو عملي کي بار بار تارون مٿي ڪرڻ جو چيو پر انهن ڪو به تڌارڪ نه ڪيو هن ٻڌايو پورهيت کي بيهوشي واري حالت ۾ ڀرياروڊ سرڪاري  اسپتال ۾ کڻي وياسين جتي نه ڪو ڊاڪٽر هو ۽ نه وري ايمبولنس ڏني وئي پورهيت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رڪشاتي کڻائي اسپتال پهتا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.