لاڙڪاڻي ۾ دڪان جا تالا ٽوڙي لکن جي چوري

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد مُک ڪاروباري مرڪز پاڪستاني چوڪ وٽ قائم اليڪٽرڪ اسٽور شاپ  جي دڪان جي ڇت تي لڳل لوهي گرل جا تالا مبينا طور ٽوڙي نامعلوم چور لکين روپيا روڪ رقم ۽ سي سي ٽي فوٽيج واري ڊي وي آر چوري ڪري ويا، دڪان مالڪ طرفان صبح جي وقت دڪان کولڻ دوران سامان وکريل ڏسي حد جي مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي سي سي ٽي فوٽيجز ۽ ٻيون شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي. ان موقعي تي متاثر دڪاندار آصف احمد شيخ ٻڌايو ته نامعلوم چورن دڪان جي ڇت تي چڙهي لڳل گرل جا تالا ٽوڙي اندر داخل ٿي دڪان مان 18 لک روپيا ۽ سي سي ٽي وي فوٽيجز جي ڊي وي آر چوري ڪري فرار ٿي ويا چوري ٿيل پئسا گذريل جمعي ڏينهن دڪان تي رکي اڄ بئنڪ ذريعي آن لائين ڪرڻا هئا جيڪي پئسا چوري ٿي ويا آهن. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي چوري ٿيل پئسا ۽ سامان واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته اطلاع تي دڪان تي پهچي شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي تمام جلد چوري ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري روڪ رقم هٿ ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.