چيلهار جا 3 پيٽرول پمپ غيرقانوني ڄاڻائي سيل

چيلھار ( ن ع آ ) سنڌ حڪومت پاران غير قانوني کليل پئٽرول پمپ خلاف ڪارروائي ڪرڻ واري حڪم بعد مختيارڪار مٺي چيلھار  پھچي شھر ۾ کليل غيرقانوني پيٽرول پمپ تي چڪر لڳايو تي پتو پيو ھن وقت شھر ۾ 3 پئٽرول پمپ ھلي رھيا آھن جنھن مان 1 پمپ تي بوتلن ذريعي پئٽرول وڪرو ڪري رھيا ھو 2 پئٽرول پمپ جي زمين جي الاٽ ٿيل ناھي جنھن ڪري 3 پيٽرول پمپ کي غير قانوني قرار ڏئي سيل ڪري ڇڏيا آھن.سيل ٿيل پئٽرول پمپ ۾ 1 راڻاسر پيٽرول پمپ 2 لڪي پيٽرول پمپ 3 چيلھار پيٽرول پمپ سيل ڪرڻ بعد مختيارڪار غلام علي کوسو ٻڌايو بنا اجازت ۽ سرڪاري زمين تي غيرقانوني پئٽول پمپ کولي ڇڏيا آھن جنھن خلاف سنڌ حڪومت جي حڪم تي ‎ڪاروائي ڪئي آھي پئٽرول پمپ سيل ڪيا آھن جيڪڏھن ٻيهر ايجنسيون کليا ته انهن مالڪن خلاف ڪيس داخل گرفتار ڪيو ويندو ٻئي طرف پئٽرول پمپ مالڪن چيو ھڪ اڳ ئي روزگار ناھن جيڪڏھن ٻچن جو پيٽ پالڻ لاء ڌنڌو شروع ڪيون ٿا تي انتظاميان ڪرڻ نٿي ڏي.  ھنن چيو ھتي رڳو غير قانوني پمپ ناھن ٻيا بي ڪيترائي غير قانوني ڪم ھلي رھيا آھن انھن خلاف بي ڪاروائي ڪرڻ لاء حڪومت اعلان ڪيا ان تي ھيل تائين عمل ناھي ڪيو رڳو پئٽرول پمپ ئي نظر اچن ٿا جڏھن تي ايس ڪاروائي ڪرڻ وقت ايس ايڇ او چيلھار مشتاق ملڪ ۽ تپيدار انيل ڪمار مھراج گڏ ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.