نئون ڪوٽ ۾ڪئمپ تي حملي جو ڊي ايڇ او ذميوار قرار

نئون ڪوٽ(ن ع آ ) نئون ڪوٽ ٻـ ڏينھن اڳ رورل ھيلٿ سينٽر آر ايڇ سي نئون ڪوٽ ۾ پاپوليشن  ويلفئر ٿرپارڪر طرفان خانداني  منصوبـ بندي جي سلسلي ۾ لڳايل ڪئمپ تي آر ايڇ سي نئون ڪوٽ ۾ ميڊيڪل آفيسر طرفان ڪئمپ لڳائيندڙ عملي تي تشدد لتن ۽ مڪن جا وار ڪندڙ ڊاڪٽر محمد عارف ڪنڀار طرفان پريس ڪانفرس ڪرڻ بجاء شوشل ميڊيا تي ڇڏيل پنھنجي وائيس آواز ۾ ڄاڻايو آهي تـ ان سڄي واقعي جو ذميوار ڊي ايڇ او ميرپورخاص آهي۔  جنھن ھٿ وٺي ھي ڊرامو ڪرايو آهي ڊاڪٽر محمد عارف موجب پاپوليشن  کاتي جي پٽيوالي سندس گلي کان پڪڙيو پنھنجي عزت کان وڌيڪ ڪا شئي نـ آهي.  ھڪ شريف ماڻھو کي جڏھن ايترو مجبور ڪيو ويندو آهي تـ پوء ھو مذامت تي مجبور ٿيندو آهي پاپوليشن  عملي تي تشدد واري ڊاڪٽر جي وڊيو عام جام وائرل ٿي چڪي آهي پر ڊاڪٽر کي گلي مان پڪڙڻ وارو منظر شوشل ميڊيا تي نـ آيو آهي جنھن مان ڊاڪٽر جي موقف کي مڃي سگھجي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.