حيدرآباد ۾اڳوڻي اهلڪار سوڌو ٽن ڄڻن جي ضمانت رد

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ قائم اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن (صوبائي) جي عدالت ايس پي آفيس ٽنڊو محمد خان جي اڳوڻي  پوليس اهلڪار امجد علي خاصخيلي، اڳوڻي ڪمپيوٽر آپريٽر شهزادو خرم ۽ جاويد علي خاصخيلي جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت واري درخواست رد ڪري جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران سرڪل آفيسر دليل ڏيندي چيو ته ٽيئي جوابدار ڪرپشن ڪيس ۾ ملوث آهن، جنهن سبب هنن جي ضمانت منظور نه ڪئي وڃي, جنهن بعد عدالت سڳوري ٽنهي جوابدارن کي جيل موڪلي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.