پشاور ۾ پي ڊي ايم جو جلسو ضرور ٿيندو ان کي روڪي نٿو سگهجي: عبدالغفور حيدري

پشاور(ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر اڳواڻ جمعيت علماءِ اسلام جي جنرل سيڪريٽري عبدالغفور حيدري چيو آهي ته مخالف ڌر اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جو جلسو پشاور ۾ ضرور ٿيندو، جلسي کي روڪي نٿو سگهجي.

عبدالغفور حيدري پشاور جي دير ڪالوني مسجد پهتو جتي هم بم ڌماڪي جي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي  جي دعا ڪئي.

بعد ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي عبدالغفور حيدري جو چوڻ هو ته مسجد ڌماڪو دل ڏکوئيندڙ ۽ افسوس جوڳو آهي، واقعا ٿيندا آهن پر هن وقت تائين سنجيده ايڪشن ناهي ورتو ويو.

هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير هن وقت تائين هتان جو دورو ناهي ڪيو ۽ نه ئي حڪومت طرفان واقعي تي ڪا جوڊيشل ڪميشن بڻائي.

جي يو آءِ جي اڳواڻ مطالبو ڪيو ته واقعي جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي جوڊيشل انڪوائري ڪميشن بڻائي وڃي ۽ زخمين ۽ شهيدن لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.