”هندستان جي ورڇ کان وٺي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون جاري آهن“

رياض(ويب ڊيسڪ) جنرل ريٽائرڊ راحيل شريف چيو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته ڀارتي فاشسٽ قيادت ڪشميرين کي مارڻ، دٻائڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ جي بدران ڪشمير مسئلو  ڪشميرين جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي روشني ۾ حل ڪري.

پاڪستاني سفارتخاني جي تحت رياض ۾ پاڪستان جي سفير راجا علي اعجاز جي گهر سيمينار ڪوٺايو ويو.

ان موقعي تي خطاب ۾ جنرل ريٽائرڊ راحيل شريف ٻڌايو ته ڪشميري ڀائرن جي ڏکن کي ويجهو کان سمجهون ٿا، هندستان جي ورڇ کان وٺي ئي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون خوفناڪ ڀڃڪڙيون  ٿي رهيون آهن.

سندس چوڻ هو ته مودي حڪومت جي ظلمن جي باوجود ڀارتي فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪشميرين جو عزم ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهيا.

راحيل شريف چيو ته ڪشمير ڪاز لاءِ حڪومت جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رهندي.

سيمينار سان پاڪستان جي سفير راجا علي اعجاز، اڳوڻي ملٽري برگيڊيئر محمد حسن ڪمالي، اڳوڻي سعودي ڊپلوميٽ علي عواد العسيري ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي مذمت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.