ڀرياسٽي: صحافي مجيد ڪيريو کان ڦر ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي: ايس ايس پي نوشهروفيروز

ايس ايس پي نوشهرو فيروز الطاف حسين لغاري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته عوامي آواز جي رپورٽر مجيد ڪيريو کان ڦر ڪندڙ جوابدارن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪيو آهي.

ڀرياسٽي ٿاڻي تي ايس ايس پي نوشهرو فيروز الطاف حسين لغاري، ڊي ايس پي ڀريا عبدالستار اڄڻ،  ايس ايڇ او راڻا جمشيد ۽ سي آءِ اي انچارج يارمحمد رند سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڀرياسٽي پوليس عوامي آواز جي رپورٽر عبدالمجيد ڪيريو کان ڦر ڪندڙ ۽ حملو ڪري زخمي ڪندڙ پنجن جوابدارن جمشيد ڏهيو، اختيار علي ڏهيو، شير علي ڏهيو، سخاوت ڏهيو ۽ پير بخش ڏهيو کي مختلف جاين تي ڇاپا هڻي هٿيارن سميت گرفتار ڪيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته جوابدارن کي ريمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو آهي، هنن وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار ڏوهارين ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي،  تمام جلد سندن ٻين ساٿين کي پڻ گرفتار ڪري  قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو …

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.