ٽنڊي الهيار ۾ آبپاشي ڊويزن ٽنڊي ڄام جي ملازمن جو احتجاج

ٽنڊوالهيار (ڊ ر)اسڪارپ ايريگيشن ڊويزن ٽنڊوڄام جي ملازمن جو الشهباز فڊريشن سنڌ جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ ٽنڊوالهيار پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي ڌڻي بخش نظاماڻي ، هاشم گراڻو ، حاجي عظيم لغاري ، سمون ناگور ، يوسف ڇٽو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته روهڙي ڊويزن جي انجينئر طارق قيهر ملازمن جيئڻ جنجھال ڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته روهڙي ڊويزن جي 55 ملازمن جون پگھارون بند ڪري کين فاڪاڪشي تي مجبور ڪيو ويو آهي جنهن جي مزمت ڪريون ٿا هنن چيو ته ڪيترائي دفا احتجاج ڪرڻ باوجود اسان جا جائز مطالبا سن ڪوٽا ، رٽائرڊ ملازمن کي انشورنس ڏيڻ ، صحت ڪارڊ شامل آهن جن کي اڃان تائين تسليم نٿو ڪيو وڃي هنن وزيراعلي سنڌ ، اريگيشن جي وزير ۽ سيڪريٽري ايريگيشن کان گھر ڪئي ته ڪرپٽ انجينئر کي بر طرف ڪري ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.