ملڪ ۾ 70 لک ماڻهو نشو واپرائن ٿا:نفيساتي ماهر

ڪراچي (پ ر ) نفسيات جي ماهر سهيل خان چيو آهي نفسياتي مسئلن سبب ماڻهو نشي جو استعمال ڪري رهيا آهن، جيڪو تمام خطرناڪ آهي، جنهن کان بچڻو پوندو. ڪالهه محمد علي جناح يونيورسٽي ۾ پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ 70 لک ماڻهو نشي واپرائي رهيا آهن، جن مان 80 فيصد نوجوان آهن، جيڪا هڪ خطرناڪ صورتحال آهي. هن چيو ته 70 سيڪڙو تعليم ادارن ۾ به منشيات جو واهپو ٿي رهيو آهي، جنهن طرف ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي سائيڪولوجسٽ ڊاڪٽر محمد عمران ۽ پروفيسر مريم حنيف غازي به خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.