ڪراچي واقعي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي درخواست

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي واقعي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

عدالت عظميٰ ۾ شهرين طرفان ڪراچي واقعي جي جاچ جي حوالي سان درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، اها درخواست ڪراچي جي 9 ۽ لاهور جي 3 شهرين گڏيل طور داخل ڪرائي آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ جڊيشل ڪميشن قائم ڪئي وڃي.

سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ گهرو وزارت، بچاءَ واري وزارت، سنڌ جي گهرو کاتي، آءِ جي سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.